ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ( ڊالر ۾ تيزي: 289 رپين تي پهتو: سون 200 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 200 رپيا لاٿ سان 208400 مان 208200 رپيا في تولو ٿي ويو،
جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 8 ڊالرن جي اضافي سان 1925 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف ڊالر هڪ رپيو واڌ سان 282 مان 283 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ 358 ۽ يورو 307 رپين تي برقرار رهيا