ڊانسنگ ليڊي ملائڪا اروڙا هيرن جي واپاري کي ڦاسائي ڇڏيو

ڊانسنگ ليڊي ملائڪا اروڙا هيرن جي واپاري کي ڦاسائي ڇڏيو

 ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڊانسنگ ليڊي ملائڪا اروڙا هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جو موضوع بڻجي وئي آهي، انهي جو سبب اهو پراسرار شخص آهي جيڪو بار بار ساڻس گڏ نظر اچي ٿو، انهي نوجوان جي سڃاڻپ هريش مهتا جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پريمي جوڙي کي تازو ممبئي ايئرپورٽ تي گڏ ڏٺو ويو، هن ڀيري ٻنهي احتياط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ملائڪا اڳيان رهي ۽ جڏهن ته ماسڪ پاتل هريش ڪجهه قدم پوئتي هو، بعد ۾ ٻئي هڪئي ڪار ۾ روانا ٿي ويا، هريش مهتا کي پهريون ڀيرو ممبئي ۾ هڪ ڪنسرٽ ۾ ملائڪا سان گڏ ڏٺو ويو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جوڙي جي نئين رومانس بابت ڳالهيون شروع ٿيون. غير تصديق ٿيل رپورٽن موجب 33 سالن جو هريش مهتا هيرن جو واپاري آهي. هو 52سالن جي ملائڪا اروڙا کان 19 سال ننڍو آهي،