ڊاڪٽرن جي لاپرواهي: ڇاڇرو ۾

مَي 18, 2023

ڇاڇرو( ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو عورت ويم دوران فوت ٿي وئي، مائٽن نرس تي لاپرواهي جو الزام هڻي ڇڏيو

ڳوٺ مٿارو جي رهواسي ڳورهاري عورت سليمت زال نصرالله سميجو ويم دوران فوت ٿي وئي

عورت جي  مائٽن ميڊيا کي ٻڌايو ته سليمت کي ڇاڇرو جي سرڪاري اسپتال کڻائي پهتاسين  جتي نرس چيو ته منهنجي سينٽر کڻي هلو

هنن چيو ته اسان سليمت کي نرس جي سينٽر پهچايو جتي ناري جو ويم ڪرڻ بدران ٽن ڪلاڪن بعد بيهوشي جي حالت ۾ اسان جي حوالي ڪئي وئي

هنن جو چوڻ هو ته اسان سليمت کي عمرڪوٽ کڻائي پئي وياسين ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

فوت ٿيل سليمت جي مائٽن صحت کاتي جي اختيارين کان نرس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي

Leave A Comment