| ڊاڪٽرن جي ٽيم اڊيالا جيل پهچي وئي، عمران جو طبي معائنو |
راولپنڊي (م ڊ) اڊيالا جيل ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم باني پي ٽي آءِ عمران خان جو طبي معائنو ڪيو، جيل ذريعن موجب ڊاڪٽرن جي ٽيم باني پي ٽي آءِ جو مڪمل طبي معائنو ڪيو جنهن کانپوءِ ٽيم جيل مان رواني ٿي وئي، جيل ذريعن ٻڌايو ته طبي معائني جي رپورٽ جوڙي جيل عملدارن کي موڪلي ويندي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ سرڪاري ڊاڪٽرن پاران باني جو طبي معائنو رد ڪري ڇڏيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي پارٽي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته سرڪار جي ڪنهن به ميڊيڪل رپورٽ کي نٿا مڃون، باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪمن باوجود ملاقات نه ٿئي ته اسان ڇا ڪريون؟ اسان پرامن طريقي سان هتي ايندا آهيون