| ڊاڪٽرياڻي جو نقاب لاهڻ تي بهار جي وڏي وزير تي ڪيس داخل |
نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار خلاف مسلمان عورت جو نقاب لاهڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. لکنئو ۾ سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ سميا رانا وڏي وزير نتيش ڪمار خلاف ڪيس داخل ڪرايو. هوڏانهن انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل انڊيا چيو آهي ته ڪنهن عوامي عهديدار طرفان ڪنهن عورت جو نقاب زبردستي لاهڻ عورت جي عزت، سڃاڻپ ۽ ذاتي آزادي تي سنگين حملو آهي. ٻئي طرف ڀارتي اپوزيشن پارٽين ۽ سماجي اڳواڻن به ان عمل تي تنقيد ڪئي آهي. جڏهن ته ڊاڪٽرياڻي خوف ۽ دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ هن بهار رياست ۾ سرڪاري نوڪري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.