| ڊاڪٽر آڪاش ڪيس ۾ اهم انڪشاف: واردات وقت اسلم بابا ۽ ڇوڪريءَ به موجود |
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ عرفان شاهه) ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن جي تين تلوار ڀرسان ڦر دوران قتل ٿيل روهڙي واسي ڊاڪٽر آڪاش واري ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدارن کان جاچ جاري آهي، شروعاتي پڇاڳاڇا دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. پوليس اختيارين موجب ڦورن جي ٽولي جو سربراهه اسلم عرف بابا ۽ سندس ساٿي ملير جي علائقي قائدآباد جا رهواسي آهن. واردات وقت ڪار ۾ اسلم بابا، سندس ساٿين سميت هڪ ڇوڪري پڻ موجود هئا. جاچ اختيارين موجب جوابدارن واردات کانپوءِ ڦريل ڪيل 25 لک رپيا پاڻ ۾ ورهايا هئا، گرفتار ٿيل هڪ جوابدار جي حصي ۾ سوا لک آيا، جنهن ايزي پيسا جي دڪان تان سموري رقم پنهنجي ڀاءُ ڪشور کي ڳوٺ موڪلي ڏني. جاچ اختيارين موجب جوابدار رامچند جي حصي ۾ 70 هزار رپيا آيا، جن مان هن 30 هزار رپيا گهر جي مالڪ کي مسواڙِ جي مد ۾ ادا ڪيا. رامچند پڻ قائدآباد جو رهواسي آهي، جيڪو فرمان نالي شخص جي گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هو. گرفتار جوابدار رامچند ٻڌايو ته سندس ٽولي جي سربراهه اسلم سان 2021ع ۾ لانڍي جيل ۾ ملاقات ٿي هئي. جيڪا دوستي ۾ تبديل ٿي، اسان جيل ۾ گينگ جوڙيو هو جاچ اختيارين موجب رامچند انڪشاف ڪيو آهي ته رڳو هلندڙ مهيني جي 12 ڏينهن دوران ٽولي بينڪن ٻاهران ڦر جون 3 وارداتون ڪيون. هڪ واردات ۾ هڪ لک ۽ ٻي واردات ۾ ٻه لک رپيا مليا، جڏهن ته ٽئين واردات ۾ ڊاڪٽر آڪاش کان ڦر دوران قتل جو واقعو پيش آيو.
| آڪاش جي 3 قاتلن جي سڃاڻپ پريڊ: هفتي جو رمانڊ |
ڪراچي: ڪراچي جي عدالت ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار 3جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار سريش، رامچند ۽ انيل اوڏ کي منهن تي غلاف چاڙهي سخت سيڪيورٽي هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو, جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته 13 جولاءِ تي ٽي تلوار واري علائقي ۾ ڊاڪٽر آڪاش بينڪ مان پئسا ڪڍرائي نڪتو ته جوابدارن پئسا ڦر ڪري ڊاڪٽر آڪاش کي گولي هنئي، جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ جي به درخواست ڏني پئي وڃي، جنهن تي عدالت چيو شناخت پريڊ اڄ ئي ڪرائڻي آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته اڄ رڳو درخواست داخل ڪرائي ويندي، پريڊ لاءِ تاريخ ڏني وڃي, عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته جوابدارن جا چهرا چيمبر ۾ ئي ڏيکاريا وڃن، جوڊيشل مئجسٽريٽ زاهد علي چيو ته جوابدارن جا چهرا چيمبر ۾ ڏسي ڇڏيا آهن ته جيئن شناخت پريڊ ۾ مسئلو نه ٿئي
ڊاڪٽر آڪاش جو ٽيجهو: مکين ۽ برادري جي معززن جي شرڪت
ڪراچي: ڪراچي ۾ ڦورن هٿان قتل ٿيل ڊاڪٽر آڪاش جو ٽيجهو ڪالهه هتي ايس ايس ڊي ڌام ۾ ٿيو، جنهن ۾ مختلف پنچائتن جي مکين، برادري جي معززين ۽ دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.