| ڊاڪٽر جي ترقي بابت ٽربيونل جو فيصلو بحال: سنڌ حڪومت جي اپيل رد |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ صحت کاتي جي ڊاڪٽر خداداد کي 19 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ واري سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر خداداد کي 2016ع ۾ غلط الزامن تي برطرف ڪيو ويو، و عدالت ڊاڪٽر خداداد جي بحالي کي ممڪن بڻايو، بحالي کانپوءِ کيس ترقي نه ڏني وئي، درخواستگذار سان گڏ ڀرتي ٿيلن کي 2012ع کان گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي آهي، اسان انصاف لاءِ سروس ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪئي، سنڌ حڪومت درخواستگذار کي سندس رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني، بعد ۾ سروس ٽربيونل ڊاڪٽر خداداد کي 2012ع کان گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏنو.