ڊاڪٽر خليل الحيه حماس سياسي ونگ جو سربراهه مقرر

ڊاڪٽر خليل الحيه حماس سياسي ونگ جو سربراهه مقرر

دوحا (م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ڊاڪٽر خليل الحيه کي تنظيم جي سياسي بيورو جو نئون سربراهه چونڊيو آهي. حماس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر خليل الحيه هاڻي تنظيم جي سياسي آفيس جي سربراهه طور ذميواريون سنڀاليندو. ڊاڪٽر خليل الحيه شهيد يحييٰ سنوار جي جانشين طور پنهنجون ذميواريون نڀائيندو. رپورٽن موجب 1960ع ۾ غزا ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خليل الحيه 1987ع ۾ حماس جي ٺهڻ کان وٺي تنظيم سان لاڳاپيل آهي. اسماعيل هنيه، يحييٰ سنوار ۽ عسڪري ڪمانڊر محمد الضيف جي شهادت کانپوءِ ڊاڪٽر خليل الحيه تنظيم جي اهم قيادت ۾ نمايان حيثيت اختيار ڪري ويو هو. واضح رهي ته حماس جو اڳوڻو سربراهه يحييٰ سنوار آڪٽوبر 2024ع ۾ اسرائيلي فوج سان ويڙهه دوران شهيد ٿي ويو هو.