در شهوار سيد غلام مرتضيٰ/جي ايم سيد جي گهر ۾ 28 مارچ 1942ع تي سن شهر ضلعي دادو، موجوده ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿي، ادبي ۽ علمي حوالي سان سندن سڃاڻپ پڻ هڪ بهترين استاد ۽ محققا جي آهي. هن شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪانوينٽ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، بي اي 1967ع ۽ ايم اي فلاسافي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1969ع ۾ ڪيائين. 1974ع ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ رواني ٿي، جتي هُن مذهبن جي تاريخ ۽ تقابلي مطالعي واري حوالي سان ٻيهر ايم اي سائوٿ ايشين اسٽڊيز مان “History and comparative study of religions” جي عنوان تي 1977ع ۾ ڪئي. ان کانپوءِ ايڊمبرا يونيورسٽي برطانيا مان Phd جي تياري ڪري بعنوان The Poetry of Shah Abdul Latif تي سند حاصل ڪيائين. سندن سڄي پڙهائيءَ دوران پنهنجي والد صاحب سان خط و ڪتابت ذريعي موضوع تي ڊسڪشن هلندڙ هوندا هئا، هن انهيءَ عرصي دوران جي ايم سيد صاحب کي تقريباً 200 کان مٿي خط لکيا، جن خطن جو هڪ ڪتاب ترتيب جي عمل ۾ آيو. (جنهن جو ذڪر پنهنجي پي ايڇ ڊي مقالي،”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“ جي خطن واري ڀاڱي ۾ ڪيو آهي).
ڊاڪٽر صاحبه جا استاد ڊاڪٽر ڪيرول هلين برانڊ ۽ ڪرسٽوفر شئڪل هئا ته ڊاڪٽر اينمري شمل سندن امتحان ورتو هو، سنڌ مان لطيف سرڪار تي انگريزيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪم ڪندڙ هيءَ پهرين عورت شمار ٿئي ٿي. هي مقالو 1988ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو ڊاڪٽر صاحبه 1985ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ تاريخ جي مضمون پڙهائڻ لاءِ ليڪچرار طور مقرر ٿي، اسسٽنٽ پروفيسر ٿي ۽ پوءِ 1991ع کان 1996ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر رهي، سندس دؤر ۾ لطيف چيئر مان سَتَ ڪتاب شايع ٿيا، پاڻ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لطيفيات تي لکيائين، ”اسوا“ (آل سنڌي وومين ايسوسيئيشن) قائم ڪيائين، سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ اڳڀري رهندي هئي، 26 ڊسمبر 1997ع تي سندن وفات ٿي.
ڊاڪٽر در شهوار جي ڇپيل ڪتابن ۾ لطيفي ڪتابن جو انگ سرس آهي، جي ترتيب، تحقيق ۽ تصنيف ڪيل هيٺ پيش ڪجن ٿا،
“شاهه لطيف جي موسيقي” ڊاڪٽر صاحبه 1992ع ۾ ترتيب ڏنو، 221 صفحن جي هن ڪتاب کي ڀٽائي چيئر ڪراچي شايع ڪيو، ڪتاب ۾ آيل مضمون هن ريت آهن: ”سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“، شيخ عزيز، ”سنڌي موسيقي صدين جي آئيني ۾“ الياس عشقي، ” شاهه عبدالطيف رح راڳ جي هڪ نئين تحريڪ جو باني” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، “سنڌي سنگيت جو سنواريندڙ ڀٽائي رح” عبدالعزيز شيخ، ”شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي“ حاجي الله بخش عقيلي، “شاهه عبداللطيف جي پنجن راڳن جي موسيقي“ سيد منظور نقوي ۽ ٻيا مقالا آهن.
شاهه لطيف تي تحقيق: (مختلف پهلو) ڊاڪٽر درِ شهوار هن ڪتاب کي 1995ع ۾ سهيڙيو. 144 صفحن جي ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ مان ڇپيل هن ڪتاب ۾ هيٺين ليکڪن جا مضمون آهن، شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪجهه پهلو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”شاهه لطيف ۽ سور جي سمجهاڻي“، ڊاڪٽر بلوچ، ”ايڪهين صدي ۽ لطيف شناسيءَ لاءِ نيون سوچون“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ” شاهه لطيف جو پيغام“ شيخ عزيز، ”شاهه لطيف ۽ سندس ڪلام“ شيخ اسماعيل، ”صوفي سلسلا ۽ شاهه لطيف“ ڊاڪٽر در شهوار سيد، “شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ ان تي ٿيل تحقيق“ ڊاڪٽر اياز حسن قادري. ڊاڪٽر صاحبه جو هن ڪتاب ۾ مضمون، ”صوفي سلسلا ۽ شاهه لطيف“ اهم آهي، جنهن ۾ هن پياري نبيءَ سڳوري جن کي پهريون صوفي, اصحاب سڳورن کان وٺي مختلف دور بيان ڪندي مشهور صوفي سلسلن اويسي، سهروردي، نقشبندي ۽ چشتي طريقن جو ذڪر ڪندي لطيف سرڪار جي وابستگي اويسي/قادري سلسلي سان بيان ڪئي آهي، سنڌ جي صوفين بابت لکيو اٿس:
”صوفي تحريڪون جن مڪي مديني، ايران، خراسان، غزني، مشهد، مصر، بغداد ۽ ايران ۾ جنم ورتو، انهن جي تحريڪ سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌ جي صوفين کي متاثر ڪيو، انهن سنڌ جي سوچ کي هڪڙو رخ ڏنو. جيئن ته سنڌ ۾ هندو، ٻُڌ، جين مذهب سان واسطو رکندڙ ۽ زردشت جا پوئلڳ صدين کان رهندا پئي آيا، انهيءَ ڪري سنڌ مذهبي ڪٽرپڻي کان بچي وئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو تصوف هندستان جي ٻين حصن کان مختلف آهي، اهڙا ڪافي مثال ملي ويندا جتي پڙهيل لکيل هندو، مسلمان صوفي مرڪزن سان وابسته رهيا ۽ انهن کي پنهنجن صوفي مرشدن خرقا پهرائي پنهنجو خليفو سڏيو ۽ هو احترام ۽ عزت سان صوفين جي مقبرن تي حاضري ڀريندا هئا ۽ انهن جي پيغام کي هينئین سان هنڊائيندا هئا، جهڙيءَ طرح مسلمان ڪندا هئا (ص، 119)
The Poetry of Shah Abdul Latif ڊاڪٽر در شهوار جي پي ايڇ ڊي ٿيسز انگریزی ۾ شآيع ٿي، هن تحقيق ۾ ڪل پنج باب آهن۔ پهريون باب تاريخي پس منظر ادبي ۽ تاريخي حوالي سان آهي، راجا ڏاهر، محمد بن قاسم، عرب دور کان مغل دؤر مغل سلطنت جي انتظامي معاملن تائين جو ذڪر آهي، سومرن ۽ سمن جي دؤر جي ادبي ۽ ثقافتي ماحول خاص طور ڪلاسيڪل داستانن سان گڏ انهن دورن جي شاعرن کي بيان ڪيل آهي، هن باب ۾ شاهه جي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽ سندن زندگيءَ جي مختلف رخن ۽ شاهه جي رسالي تي ٿيل ڪم بابت ڄاڻ آهي،
ٻيو باب خاص شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جي ذڪر تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار کي پڻ پيش ڪيو ويو آهي۔ ڊاڪٽر صاحبه موجب سنڌي سماج جي عورت باهمٿ آهي، کيس ڪيترائي ڏک ملن ٿا، خطرا درپيش اچن ٿا پر هوءَ ارادن جي اٽل آهي۔
سنڌي عورت جي ڪردار بابت شاهه لطيف پنهنجي سورمين ڪردارن وسيلي جيڪي بيت چيا، انهن مان سنڌي سماج جي حياتيءَ فڪر، فهم جا ڪيترائي نڪتا نروار ٿيا آهن، جن بابت تحقيق طور سڀ کان پهرين ڊاڪٽر در شهوار پنهنجي هن مقالي ۾ 1984ع ۾ مڪمل باب ڏنو ۽ پوءِ 1988ع ۾ ڊاڪٽر حسن بانو سومرو، ”شاهه لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جو مطالعو“ مڪمل پي ايڇ ڊي جو مقالو لکيو ۽ ان کانپوءِ ڊاڪٽر فهميده حسين جو پي ايڇ ڊي جو مقالو ”شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اڃا به هن موضوع جا ڪيترائي رُخ آهن، جي مختلف مضمونن ۽ مقالن معرفت سامهان اچن پيا۔ جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته لطيف سرڪار وٽ سنڌي عورت هڪ ٻئي درجي جي شهري نه پر گهرو ايڪائيءَ جو اهم حصو آهي، جنهن جي ئي هنج ۾ سنڌي قوم جي نسل جون واڳون آهن، انهيءَ جو باشعور، باهمٿ، بهادر ۽ سمجهدار هئڻ ڪيترو ضروري آهي؟، اهو سڀ سهڻائيءَ سان شاهه جو رسالو ڄاڻائي ٿو۔ ڊاڪٽر جوڻيجي ڊاڪٽر در شهوار جي مقالي بابت لکيو آهي ته، ”هن ٿيسز جو طاقتور پهلو شاهه جي سورمين جي حوالي سان سنڌ جي عورت جي سماجي ڪردار جي اپٽار آهي، جيڪو محترمه منفرد ۽ علمي انداز سان لکيو آهي“.
“دي پوئٽري آف شاهه عبداللطيف” تحقيق جو ٽيون باب شاهه لطيف هندوڌارا، جوڳين ۽ سنياسين سان ٽي سال رهڻ ۽ هندو مت کان متاثر ٿيڻ آهي, جنهن ۾ رامڪلي، کاهوڙي ۽ ٻين سرن مان گهربل بيت ڏئي موضوع کي کولي بيان ڪيو اٿس. چوٿين باب ۾ شاهه لطيف ۽ فريدالدين عطار جي شاعريءَ جي ڀيٽ آهي ته پنجين باب ۾ جلال الدين رومي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڀيٽ آهي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي موجب ته، ”شاهه لطيف ۽ عطار، شاهه لطيف ۽ رومي جي شاعريءَ جي هڪجهڙائي ڄاڻائڻ لاءِ محققا عطاري شعرن يا روميءَ جي مثنوين مان مثال ۽ نمونا نه ڏنا آهن“.
بهرڪيف هڪ نئين نموني سان نون پهلوئن تي هن مقالي ۾ لطيف جو فن سامهون ٿي آيو. شاعريءَ جي ڀيٽ جو موضوع پڻ پهريون دفعو ڊاڪٽر صاحبه متعارف ڪرايو ته سنڌي سماج جي عورت جي حيثيت کي پڻ هُن شاهه جي سورمين سهڻي، سسئي، سورٺ، ليلا، نوري، مومل ۽ مارئي جي ذڪر سان خوبصورت ۽ سگهاري انداز ۾ پيش ڪيو آهي، هن موضوع تي اڳ ڪو به ڪم ٿيل نه هو، سڄي مقالي ۾ اصل سنڌي بيت ۽ پنهنجو ڪيل انگريزي ترجمو ڏئي مواد کي حسن بخشيو اٿن، ڪيترن نون موضوعن کي جامع نموني ڏئي لطيف سرڪار بابت هڪ مضبوط تحقيقي ڪم پيش ڪيل آهي جنهن جي اڄ به اهميت ۽ افاديت قائم آهي.