| ڊاڪٽر راول جو آپگهات: پي پي ايڇ آءِ آفيسرن کي بچائڻ جي ڪوشش، پمپ ايجنسي مالڪ ۽ ملازم تي ڪيس داخل |
مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) اسلام ڪوٽ ۾ پي پي ايڇ آء آفيسرن جي مبينا زيادتين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ واقعي ۾ پوليس اصل ذميوارنکي بچائڻ لاء پمپ ايجنسي جي ملازم ۽ هڪ دڪاندار سترام ميگهواڙ ۽ قيمت ميگهواڙ کي گرفتار ڪري سندن خلاف قلم 322 پي پي سي تحت اسلام ڪوٽ ٿاڻي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو۔ انهن دڪاندارن مٿان خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر راول راء کي پينٽرول بوتل ۾ وڪرو ڪري ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته الزام هيٺ آيل پي پي ايڇ آء آفيسرن کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي، اسلام ڪوٽ پوليس گرفتار جوابدارن سترام ۽ قيمت ميگهواڙ کي رمانڊ لاء مٺي جي جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري ۽ رمانڊ جي گهر ڪئي۔جوڊيشنل مئجسٽريٽ مٺي جي عدالت پي پي ايڇ آء ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ جي خودڪشي ڪيس ۾گرفتار ٻنهي جوبدارن جو پوليس کي رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري کين ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو۔ پوليس وارثن کي به اعتماد ۾ وٺڻ کانسواء لاش جي تدفين کان اڳ رات اهڙو پاڻمرادو غير لاڳاپيل دڪاندارن مٿان ڪيس داخل ڪري اصل ذميوارن کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي۔ عدالت ۾ آندل جوابدارن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڊاڪٽر راول راء جي خودڪشي جا ذميوار پي پي ايڇ آء جا آفيسر آھن اسانکي بي گناه ڦاسايو ويو آھي۔ جيڪو بي بنياد الزام آھي پوليس پي پي ايڇ آء آفيسرن کي بچائڻ لاء اسان تي من گهڙت ڪيس داخل ڪرايو آھي۔ پوليس ونگاري بڻجي اسانکي ڦاسايو آھي۔ اسان ايف آء آر کي عدالت ۾ چينلينج ڪنداسين ۽ پوليس جي زيادتي خلاف قانوني ويڙھ ڪنداسين۔
| پوليس جو مشڪوڪ ڪردار، تنقيد، ايس ايس پي ڪاوڙجي پيو |
مٺي: ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي خودڪشي واقعن بابت پوليس جي مشڪوڪ ڪردار بابت سوشل ميڊيا تي تنقيد کانپوء ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ آپي مان نڪري ويو۔اسلام ڪوٽ ۾ ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشين وارن واقعن ۽ پينٽرول پمپ ۽ دڪاندار ملازمن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي لکندڙ جمن جوڻيجو کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو۔ واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو. هوڏانهن اسلام ڪوٽ مان گرفتار ڪري گم ڪيل سوشل ايڪٽويسٽ جمن جوڻيجو کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس وارث ۽ دوست روڊن تي نڪري آيا۔ ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آھي۔ وارثن ۽ دوستن اظھر جوڻيجو۔ وريام لنجو۔ شان جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس گردي خلاف مٺي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
مٺي: ايس ايس پي سينئر صحافي ممتاز نهڙيو ۽ ٻين کي پڻ نام نهاد صحافي هجڻ جا لقب ڏيئي کين قانوني ڪارروائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آھن جنهن ڪري ٿر جي صحافين توڙي عام ماڻھن ۾ سخت تاء پکڙيل آھي۔
| ملوث آفيسر هٽائي قانوني ڪارروائي ڪريو: ميڊيا انچارج بلاول هائوس |
مٺي :پ پ پ ايم پي اي ۽ بلاول هائوس جي ميڊيا انچارچ سريندر ولاسائي پي پي ايڇ آء سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڏانهن تفصيلي خط لکي ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ آفيسرن کي ڦورن هٽائڻ ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي سميت شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آھي هن ڊاڪٽر راول جي خودڪشي واقعي تي ڪيترائي سوال اٿاريندي چيو آهي آئون وڏي ڏک ۽ ڳڻتي سان اوهان کي لکان ٿو، ڊاڪٽر راول ميگهواڙ جي المناڪ ۽ پريشان ڪندڙ موت بابت، جيڪو اوهان جي اداري هيٺ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر هو ۽ رپورٽن موجب هن پاڻ کي باهه ڏئي زندگي جو خاتمو ڪيو.هي رڳو هڪ افسوسناڪ واقعو ناهي—پر اهو پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي اندروني انتظامي ماحول ۽ ڊاڪٽرن سان ورتاءَ بابت سنجيده سوال اٿاري ٿو. اهي ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون ته اها اداري جي ناڪامي آهي، جنهن کي معمولي انتظامي معاملو سمجهي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
ڊاڪٽر ڪريم شيخ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪيو
مٺي: مٺي پوليس چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪک ڀڃي ٻيڻون نه ڪيو۔ پوليس جوابدارن کي ضمانتن لاء عدالتن سان رجوع ڪرڻ جون جوابدارن کي صلاحون ڏيئي رعايتون ڏيئي خاموش بڻيل آھي هوڏانهن ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ ٻن جوابدارن ايس او صحت کاتو سنڌ شفيق اڄڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو ڪراچي هاء ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت منظور ڪرائي ورتي.