| ڊاڪٽر سارنگ جي قتل ۾ رٽائرڊ ڪرنل ملوث، گهرواري بيگناهه آهي: وارثن پاران هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان |
بدين (رپورٽر) عوام دوست اتحاد سنڌ جي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ جي ڀائرن ۽ دوستن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 20 اپريل تي اطلاع مليو ته ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ قتل ٿي ويو آهي، ڪار هٿ ڪئي وئي آهي، بعد ۾ چيو ويو ته هڪ جوابدار گرفتار ٿيو آهي، پوليس نه پر ڪنهن ٻئي اداري وٽ آهي. هن الزام هنيو ته مک جوابدار رٽائرڊ ڪرنل حسيب ئي آهي، جيڪو گوادر جو آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر سارنگ گوادر اسپتال ۾ مقرر هو ته ميمڻ ذات جي هڪ ڇوڪري سان شادي ڪئي هئي، هن چيو ته ٽئي جوابدار گرفتار آهن، ڊاڪٽر سارنگ جي گهرواري گرفتار ناهي رڳو جاچ ڪئي وئي، هن چيو ته فيلڊ مارشل، چيف آف ڊفينس فورس ۽ ڪور ڪمانڊر سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين، اسان جي ڪيس کي ٻيو رخ ڏيڻ لاءِ اهڙا بيان ڏياريا پيا وڃن، ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ جي گهرواري قتل ۾ ملوث نه آهي.