ڊاڪٽر شاهنواز قتل: عمر سرهندي، جاويد جسڪاڻي ۽ 2 ايس ايس پيز سوڌو 45 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
سيپٽمبر 28, 2024
ميرپورخاص/سنڌڙي (رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو+ اسد شر) عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جو ڪيس اڳوڻي ڊي آءِ جي، ٻن ايس ايس پيز، ٻن انسپيڪٽرن ۽ سامارو جي مولوي عمر جان سرھندي سميت 45 ڄڻن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل، عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ جو ڪيس سندس سالي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر جي فرياد تي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دهشتگردي جي قلم سميت 201.302.364.34.147.148.149.120 بي ۽ ٻيا قلم لڳايا ويا آهن، ڪيس ۾ مولوي عمر جان سرھندي کي ماڻھن کي ڀڙڪائڻ ۽ ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ لاءِ لالچون ڏيڻ ۽ آماده ڪرڻ واري جوابدار طور کي شامل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چودري، سي آءِ اي ميرپورخاص جي انچارج انسپيڪٽر عنايت زرداري، سب انسپيڪٽر ھدايت الله ناريجو، سپاھي نادر پرويز، غلام قادر ۽ سپاھي فرمان علي کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو، ساڳيءَ ريت ڪيس ۾ سنڌڙي جي اڳوڻي ايس ايڇ او انسپيڪٽر نياز کوسو، سپاھي لکمير، محمد صديق ۽ الھه جڙيو کي به شامل ڪيو ويو، ھوڏانھن ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪراچيءَ مان پنھنجي تحويل ۾ وٺي بعد ۾ ميرپورخاص پوليس حوالي ڪندڙ ايس ايس پي عمرڪوٽ جي ريڊر سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، سپاھي نواب سميجو، امان اللھ، نديم کوسو، شاھ محمد، عرفان شاھاڻي، مشتاق علي ۽ عطا حسين کي ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ سوشل ميڊيا ذريعي ماڻھن کي ڀڙڪائيندڙ ماڻھن کي به شامل ڪيو ويو، ساڳئي وقت ايف آءِ آر ايف ۾ ڊاڪٽر شاھنواز جي لاش جي ڪفن دفن ۾ رڪاوٽون وجھندڙ ۽ سندس لاش کي ساڙيندڙ عمرڪوٽ جي 19 سڃاتل ۽ 15 اڻ سڃاتلن کي به ان ايف آءِ آر جو حصو بڻايو ويو، ايف آءِ آر ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪجھه عرصي کان نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ھو، سندس علاج يورپ ۽ سنڌ جي ڊاڪٽر کان ڪرايو پئي ويو پر بعد ۾ مذھبي گروھن جي پُر تشدد احتجاج کان پوءِ مٿس ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنھن جي ھن پنھنجي سوشل ميڊيا جي آءِ ڊي تي اچي ترديد پڻ ڪئي ھئي پر ان ھوندي پير عمر جان سرھندي مشتعل ٽولي کي عمرڪوٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز کي گرفتار ڪيو، ٻي صورت ۾ اسان وٽ ممتاز قادري جي بندوق موجود آھي، ڪوئٽا ۾ ڇا ٿيو، گورنر سان ڇا ٿيو؟ ڪو نھ ڪو غازي ملي ويندو. اھڙيءَ ريت ماڻھن کي ڀڙڪايو ويو، ايف آءِ آر ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪوڙي مقابلي بعد ڊاڪٽر جو لاش سول اسپتال آندو ويو، جتي جسم تي گولين جي زخمن کان علاوه ٻانھن، ٻنھي ڄنگهن، ڪنڌ، ھٿ ۽ جسم جي مختلف ھنڌن تي واضح تشدد جا نشان موجود ھئا، ايف آءِ آر ۾ فريادي اھو پڻ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي جاويد سونھارو جسڪاڻي، ايس ايس پي محمد اسد علي چوڌري، سي آءِ اي انچارج انسپيڪٽر عنايت زرداري، ايس ايڇ او نياز کوسو، ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي ۽ ٻين پوليس اھلڪار ماڻھن کان انعام، روڪ رقم ۽ گلن جا ھار پاتا، ايف آءِ آر ۾ فريادي اھو پڻ موقف اختيار ڪيو ويو ته مٿين جوابدارن رضامندي ۽ منصوبا بندي سان مذھبي ۽ نظرياتي سببن جو جواز ڄاڻائيندي ۽ جنوني گروھن جي اڳيان رياستي پوليس جو ڪنڌ جھُڪائيندي منھنجي ڀيڻوئي ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ حراست دوران قتل ڪيو آھي ۽ اھڙو عمل ڪري منصوبابندي سان معاشري ۾ ھڪ ٻئي جي مدد سان دھشت، ڏھڪاءُ ۽ خوف ڦھلايو آھي.
جسم تي تشدد ٿيل ھو، ثبوت مٽائڻ لاءِ لاش ساڙايو ويو: وڪيل
سنڌڙي: گهرو وزير ضياءَ لنجار جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڊاڪٽر شاھنواز جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سندس سالي ابراهيم ڪنڀر سان گڏ 10 وڪيلن جو پينل سنڌڙي ٿاڻي تي پهتو، جنهن ۾ اڳوڻو جج ۽ بئريسٽر اسد الله شاھ راشدي، سپريم ڪورٽ جو وڪيل سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ مير محمد مڱريو، ايڊووڪيٽ شريف الدين جمالي، ايڊووڪيٽ ممتاز جروار، ايڊووڪيٽ عزيز لغاري، ايڊووڪيٽ محمد اظھر آرائين، ايڊووڪيٽ جاويد ڪنڀر، ايڊووڪيٽ لياقت سھتو شامل هئا، ان موقي تي هنن ميديا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪو به ادارو جاچ ڪري پر سنڌ حڪومت جو ڪو به پوليس عملدار شامل نه هجي، ماضي ۾ اهڙا مثال آهن جن پنهنجي پوليس واري ڀائرن کي ڪيسن مان بچايو آهي، هنن چيو ته 2022ع ۾ سنڌ حڪومت اسپيشل ايڪٽ پاس ڪيو جنهن موجب ڪو به جوابدار پوليس ڪسٽڊي ۾ ماريو ويندو ته ان جي جاچ ايف آئي اي ڪندي، هنن چيو ته پوليس پاران جڙتو مقابلو ڪري جيڪو ڪيس داخل ڪيو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون آئي ٻنهي ۾ تضاد آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي جسم تي سخت تشدد ٿيل ھو، اھي ثبوت مٽائڻ لاءِ ھڪ پلاننگ تحت ڊاڪٽر جي لاش کي ساڙيو ويو، پوسٽ مارٽم پوليس پاران پنھنجي مرضي سان ڪرايو ويو، وارثن کي ان عمل ۾ شامل نه ڪيو ويو ۽ رڳو والد کي گھرائي لاش حوالي ڪيو ويو، هنن چيو ته ھنن چيو ته ڊاڪٽر جي لاش کي باھه ڏيڻ سان سندس 50 سيڪڙو جسم سڙي ويو ھو ۽ ھاڻ قبر ڪشائي بعد خبر پوندي تھ سندس جسم جا ڪھڙا ھڏ ڀڳا ويا ھئا، ڊاڪٽر شاھنواز جو قتل ملڪ جو وڏو قتل ڪيس آھي، جنھن سان ملڪ جي عالمي سطح تي بدنامي ٿي آھي، وارثن کي ڌمڪيون ملي رھيون آھن، انھن کي فوري طور تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
اڳوڻي ايس ايچ او سنڌڙي سميت 8 پوليس اهلڪار موبائل فون نمبر بند ڪري اڻڄاتل هنڌ فرار
ميرپورخاص: اڳوڻو ايس ايچ او سنڌڙي نياز کوسو، سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو سميت 8 پوليس اهلڪار نادر پرويز، فرمان، الله جڙيو، محمد صديق، لکمير، غلام قادر پوليس لائن مان غيرحاضر ٿيڻ سان گڏوگڏ فون نمبر بند ڪري اڻڄاتل هنڌ فرار ٿي ويا، جڏهن کين معطل ڪرڻ بعد حڪم ڏنو ويو هو ته جيستائين جاچ مڪمل نٿي ٿئي شهر نه ڇڏين ۽ پوليس لائن ۾ حاضر رهن پر صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي پريس ڪانفرنس بعد گرفتاري جي ڊپ کان فرار ٿي ويا، ان حوالي سان پنهنجي اخبار جي ٽيم لائن جي منشي مشتاق ملڪاڻي سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته معطل ٿيل سمورا آفيسر ۽ پوليس اهلڪار لائن حاضر آهن ۽ انهن جي رجسٽرڊ ۾ حاضري لڳل آهن.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو ڪيس داخل ڪرائڻ وقت ٿاڻي تي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي
سنڌڙي: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر ۽ ٻين وڪيلن کي پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ ٿاڻي تي آندو ويو، جڏهن ته وڏي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي هئي، ڪيس داخل ٿيڻ دوران ٿاڻي تي ڊي ايس پي سي آئي اي فضل الحق چانڊيو، ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جو ايس ايڇ او فرمان آگهيم، ايس ايچ او سنجي ، سنڌڙي ٿاڻي جو ايس ايچ او خدا بخش رانجهاڻي سميت ٻين ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز پڻ سنڌڙي ٿاڻي تي مقرر ڪيا ويا هئا.
اسان جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي: ابراهيم ڪنڀر
سنڌڙي: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي سالي ۽ ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر چيو ته ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ قومي پارٽين جا ٿورائتا آهيون جو اسان جو ساٿ ڏنو، ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل بعد خوف ۾ ورتل هئاسين، خبر آهي ته هن ڪيس کانپوءِ به اسان کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون، اسان جي سموري خاندان جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.
ڊي آءِ جي سميت سمورن پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي: نند لال مالهي
عمرڪوٽ (رپورٽر) پ پ پ اڳواڻ نند لال مالهي چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ڪوڙي مقابلي ۾ پوليس کي مارڻ جو ڪو به حق نه هو، ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوٽ ڊي آءِ جي سميت سمورن پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، هن اهڙو اظهار ڳوٺ جانهيرو پهچي ڊاڪٽر شاهنواز جي والد صالح ڪنڀر ۽ ڀاءُ بابر ڪنڀر سان تعزيت ڪرڻ بعد ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي امر اوڏاڻي، ڪندن مالهي ۽ انور ڪنڀر سميت ٻيا موجود هئا.
پھريون دفعو ڊي آءِ جي سميت ايترن پوليس عملدارن تي ڪيس داخل ٿيو آهي: وڪيل عزيز لغاري
سنڌڙي: وڪيل عزيز لغاري چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون دفعو بلاسفمي جي ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ۽ ٻن ايس ايس پيز سميت ٻين پوليس عملدارن ۽ ٻين تي وڏي انگ ۾ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو