ڊاڪٽر شاهنواز کي ٻن اهلڪارن گوليون هنيون، سرهندي جا ماڻهو پوليس سان رابطي ۾ هئا: چالان ۾ انڪشاف

فيبروري 14, 2025

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايف آءِ اي پاران 29 صفحن تي ٻڌل حتمي چالان جمع ڪرايو ويو، ايف آءِ اي جي چالان ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اڳوڻو ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري غلام اڪبر جي نالي سان رجسٽر ٿيل موبائل سم نمبر تي لاڳيتو رابطي ۾ ھو، غلام اڪبر سي آءِ اي ميرپورخاص جي اھلڪار محمد اقبال سان رابطي ۾ ھو، سي آءِ اي اھلڪار محمد اقبال جي لوڪيشن مولوي عمر جان سرھندي سان گڏ سفر ڪندي آبزرو ڪئي وئي، واقعي وقت عمرڪوٽ جو ايس ايس پي ميرپورخاص جي مھراڻ ٿاڻي ۽ ميرپورخاص جو ايس ايس پي سي آءِ اي سينٽر ۾ موجود ھو، چالان ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي ھدايتن تي ڊاڪٽر شاھنواز کي ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو ويو، واقعي کان ڪجهه ڏينھن بعد الزام ھيٺ آيل اھلڪارن 15 لک رپيا به ھڪ اڪائونٽ ۾ موڪليا، ڄاڻايل رپورٽ جوابدارن جي موبائل فونز جي فارنزڪ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ جوڙي وئي، چالان جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

جشن ملهائيندڙن تي به ڪيس ٿيندو: مايوس وارثن ۾ اميد جاڳي پئي

ميرپورخاص: فريادي ابراهيم ڪنڀر چيو آهي ته اڄ ايف آءِ اي اھلڪارن حتمي چالان پيش ڪيو، اسان ان جو جائزو وٺي ڇڏيو، انھن ماڻھن کي به ڪيس ۾ شامل ڪنداسين، جن ڊي آءِ جي ميرپورخاص آفيس ۾ جشن ملھايو، ڪيس ۾ انھن کي به شامل ڪنداسين، جن سوشل ميڊيا ذريعي ماڻھن کي ڀڙڪائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

ٽن ڄڻن جو مولوي عمر سان واٽس اپ تي رابطو رهيو، سرهندي جي بي پارٽي قرار

ميرپورخاص: چالان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ان سموري روئداد دوران مولوي عمر جان سرھندي سان واٽس اپ تي رابطو رکندڙ 3 ڄڻا امتياز علي، فرحان جنجھي ۽ ”ابو جي“ نالي وارا ھمراھه جيڪي مولوي عمر جان سرھندي جا بي پارٽي آھن، اھي جمڙائو روڊ، رتن آباد ۽ سي آءِ سينٽر تي موجود ھئا. چالان ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌڙي ۽ سي آءِ اي پوليس جي ان ڳالھه ۾ به ڪا صداقت ناھي ته ڪو ڊاڪٽر شاھنواز وٽ پسٽل ھو ۽ ان مان 2 فائر ٿيا آھن، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر شاھنواز ان وقت پوليس جي ڪسٽڊي ۾ ھو.

شاهنواز ڪنڀر کي ڪيترن ئي گاڏين ۾ چاڙهيو ۽ لاٿو ويو هو: رپورٽ

ميرپورخاص: چالان ۾ پوليس جي گاڏين جي ٽريڪنگ رڪارڊ جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو ويو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز کي ميرپورخاص پوليس جي چيڪ پوسٽ جمڙائو تان عمرڪوٽ پوليس، ايس ايس پي ميرپورخاص جي گاڏيءَ ۾ ويٺل ماڻھن حوالي ڪيو. ايس ايس پي جي گاڏي جڏھن رتن آباد پھتي تھ ساڳئي ھنڌ سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص جي گاڏي پڻ پھتي، اتان کان ڊاڪٽر شاھنواز کي سي آءِ اي سينٽر جي موبائل حوالي ڪيو ويو، جيڪا گاڏي بعد ۾ سي آءِ اي سينٽر پھتي ۽ ڪجھ دير بعد اھا گاڏي کپرو روڊ طرف وڌي ۽ بعد اھا گاڏي سنڌڙي ويجھو ھڱورنو پھتي تھ اتي سنڌڙي پوليس جي موبائل پڻ سي آءِ اي جي موبائل سان وڃي ملي، جنھن بعد ٻئي گاڏيون رات جو 12 لڳي 25 منٽن تي سبزل اسٽاپ تي پھتيون، جتي ٻئي گاڏيون رڳو ھڪ منٽ بيٺيون ۽ 12 لڳي 26 منٽن تي واپس سنڌڙيءَ طرف مُڙيون، جنھن بعد سنڌڙيءَ ٿاڻي جي موبائل سنڌڙي ٿاڻي طرف وئي ۽ سي آءِ سي سينٽر جي موبائل ڊاڪٽر شاھنواز جو لاش کڻي سول اسپتال ميرپورخاص پھتي.

Leave A Comment