ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس اي ٽي سي بدران سيشن ڪورٽ ۾ هلائڻ جو حُڪم
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس پاران مبينا جڙتو مقابلي ۾ توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل عمرڪوٽ جي رهواسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪيس ۾ جوابدار اڳوڻي ايس ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو ۽ اڳوڻي سي آءِ اي عملدار هدايت الله ناريجو پاران دهشتگردي جي انت واري ميرپورخاص جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻ جھڙي هجڻ جي درخواست تي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پاران جوابدارن جي درخواست رد ڪندي ڪيس اي ٽي سي عدالت ۾ هلڻ جوڳو قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف جوابدارن جي داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ٿي عدالت پٽيشن تي فيصلو ٻڌائيندي اي ٽي سي ميرپورخاص جي معزز عدالت جي فيصلي کي رد ڪندي ڪيس اي ٽي سي عدالت ۾ هلائڻ بدران ڪيس کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيش ڪورٽ ۾ هلائڻ جو حُڪم ڏنو آهي، عدالت پاران جوابدار ڌر جي نظرثاني واري درخواست تي فيصلو اچڻ بعد جوابدارن ۾ سرهائي آئي جڏهن ته فريادي ڌر پاران فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي فريادي وڪيل محمد ابراهيم ڪنڀر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن فيصلي تي ڏک ٿيو آهي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اسان کي نه ٻڌو ويو عدالت پاران 10 اي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي بڌڻي دوران اسان جو وڪيل موجود نه هجڻ جي ڪري اسان عدالت کان مهلت گھري پر اسان جي وڪيل جي نه هجڻ جي باوجود ٻڌڻي مڪمل ڪئي وئي هن چيو ته اسان ڊبل بينچ ۾ داخل ٿيل پٽيشن تي سنگل بينچ پاران اسٽي جاري ڪرڻ سميت مختلف اعتراض اٿاريا هئا پر اسان جي اعتراضن تي ڌايان نه ڏنو ويو اسان ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائينداسين ته جيئن ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر جي ڪيس ۾ اسان کي انصاف فراهم ٿي سگهي، اسان کي عدالتن تي مڪمل اعتماد آهي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ اسان جو حق آهي جنهن کي استعمال ڪيو ويندو.
حق سچ جي فتح آهي، اسان سان انصاف ٿيندو: نامزد جوابدارميرپورخاص: ٻئي طرف ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻي ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل فيصلو حق سچ جي فتح آهي اسان کي عدالتن تي مڪمل ڀروسو آهي اسان سان انصاف ٿيندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيس ۾ اڳوڻو ڊي آء جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، اڳوڻو ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد آرائين، اڳوڻو ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ, سنڌڙي جي ايس ايڇ او نياز کوسو، ڊي آءِ بي انچارج ميرپورخاص دانش ڀٽي، سنڌڙي ٿاڻي جا سپاھي لکمير مري، صديق راھمون، الھجڙيو ڪانھيو سي آء اي انچارج ميرپورخاص عنايت زرداري، سب انسپيڪٽر ھدايت الله ناريجو، نادر پرويز، غلام قادر، فرمان علي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ جي ريڊر عبدالستار سمون، نواب سيمجو، امان الله، نديم کوسو عرفان شاهاڻي، ڊائيور عطاءِ حسين سميت 21 پوليس عملدار ۽ اهلڪار شامل آهن