| ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل تي حملو، فائرنگ: ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل تي هٿياربندن جي فائرنگ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ٿي وئي. خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جو فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر ۽ سندس وڪيل اعجاز ھاليپوٽو ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ ميرپورخاص اچي رھيا ھئا ته عمرڪوٽ ويجھو صوفي فقير ٿاڻي جي حد ۾ مٿن اڻڄاتل ٽن ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، پر ھو معجزاڻي نموني محفوظ رھيا. ٻئي طرف ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ ٿي جنھن ۾ ڪيس ۾ گرفتار توڙي ضمانتن تي آزاد ٿيل سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن ته فريادي ڌر جو وڪيل مبينا فائرنگ ٿيڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنھن سبب عدالت ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي، ٻئي طرف فريادي ابراھيم ڪنڀر ميرپورخاص پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان تي حملو ڪرائيندڙ ھن ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار آھن، جنھن ۾ پوليس سميت ٽي ايل پي جا ڪارڪن پڻ شامل آھن، پھريان ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي آفر ملي ۽ سياسي دٻاءُ وڌو ويو انڪار ڪرڻ تي اسان کي جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته ڪيس ۾ جيڪي پوليس عملدار ملوث آھن، انھن کي ٻيھر پوسٽون ڏيڻ سراسر انتظامي نااھلي آھي، اسان سمجھون ٿا شاھنواز ڪنڀر ڪيس ۾ پوليس عملدار پڻ ملوث آھن ان ڪري پوليس سيڪيورٽي تي اعتماد ناھي رينجرز جي سيڪيورٽي ڏني وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته اڄ حملي جو صوفي فقير ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندس ۽ وڪيلن سان مشوري بعد فيصلو ڪنداسين ته ڪيس نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪجي يا وري ماڻھو نامزد ڪجن ھوڏانھن ميرپورخاص جي وڪيلن عزيز لغاري، شوڪت راھمون ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي گھر ڪئي آھي ته فوري طور ڪيس جي فريادي ۽ سندس وڪيلن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.