ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس: اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل پاران رپورٽ تي 27 اعتراض، پوليس تي بي اعتمادي

جنوري 3, 2025

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) 19 سيٽمبر تي ميرپورخاص پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي پاران دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ معاملي بابت مڪمل پوليس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد جمع ڪرايل رپورٽ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل حاجياڻي لانجو 27 اعتراض لڳائي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ آفيسر پوليس فائل انڪوائري رپورٽ ۾ لاش ڏسڻ جو ميمو ۽ لاش چيڪ فارم، روڊ سرٽيفيڪٽ، ايف آئي آر جو اصل ڪاپيون، سنڌڙي ٿاڻي تي ڊاڪٽر شاهنواز مٿان ڪيل ايف آءِ آر جي فائنل رپورٽ، پوليس پاران ڪرايل پوسٽ مارٽم جي فائنل رپورٽ، ڊاڪٽر شاهنواز تي ڪيل عمرڪوٽ ۾ ايف آئي آر جي اصل ڪاپي، عمرڪوٽ ٿاڻي تي ٿيندڙ ايف آءِ آر ۾ ڪيس جي شاهد هيڊڪانسٽيبل جو اصل نالو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا، پنجاب فارينزگ ليب لاهور جي انچارج ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انٽيليجنس بيورو پاران جاري ڪيل خط جي اصل ڪاپي، پنجاپ فارينزڪ ليب ۾ پوليس آفيسرن جي وڃڻ ۽ اچڻ جي انٽري رپورٽ، ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي گهرڀاتين حوالي ڪرڻ جو ليٽر، موبائل اسڪرين شاٽ جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا،پرنٽ ۽ اليٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيل خبرون، ايس ايس پي عمرڪوٽ پاران ٻيهر ڪيل پوسٽ مارٽم جي تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ کي لکيل خط، ڊاڪٽر شاهنواز جي جزا کڻي ويندڙ پوليس آفيسرن جي انٽري رپورٽ، لمس جامشورو مان جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ، ڪيميڪل ليب روهڙي مان جاري ڪيل اصل ڪيميڪل رپورٽ، پوليس پاران گڏ ڪيل ثبوتن جي ڦوٽو ڪاپي، اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جي ميمبرن جا نالا، ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي جاچ لاءِ ويندڙ پوليس آفيسرن جي انٽري رپورٽ، ٽپيدار سان گڏجي واقعي واري هنڌ جو نقشو ٺاهڻ، ماڊرن ڊوائسس مان ثبوت گڏ ڪري ڳنڍڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي،جڏهن ته عدالت جي اسسٽنٽ پروسيڪيوٽر جنرل پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ راء ڏيندي چيو آهي ته پوليس پاران جمع ڪرايل رپورٽ غلطين کان ڀرپور پوليس رڪارڊ آهي، پوليس جي جمع ڪرايل رپورٽ واپس موڪلي پئي وڃي، ڪيس جو جاچ آفيسر هن رپورٽ جون خاميون درست ڪري قانون مطابق ميرٽ تي نئين رپورٽ جوڙي عدالت ۾ پيش ڪري.

Leave A Comment