ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس: حتمي چالان ۾ فارنزڪ ۽ جيوفينسنگ رپورٽ شامل نه ڪرڻ جو انڪشاف

مارچ 25, 2025

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ واري ڪيس جي عدالت ۾ ٻڌڻي، حتمي چالان ۾ فارنزڪ ۽ جيوفينسنگ رپورٽ شامل نه ھئڻ جو انڪشاف، عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ٻئي رپورٽون پيش ڪرڻ جو حڪم، خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، ان دوران انڪشاف ٿيو ته پوليس پاران ھن ڪيس ۾ پيش ڪيل حتمي چالان ۾ فارنزڪ رپورٽ ۽ جيوفينسنگ رپورٽ شامل نه ھئي، جنھن تي عدالت سڳوري ڪيس جي جاچ آفيسر اسلم جاگيراڻي کان پڇاڻو ڪيو، جنھن تي اھي ٻئي رپورٽون پيش ڪرڻ لاءِ عدالت کان وقت گھريو، جنھن بعد عدالت 9 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ھوڏانھن جوابدارن مولوي احمد شاھاڻي ۽ محبوب ساند جي وڪيل افضل ڪريم ورڪ عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته موبائل سي ڊي آر مطابق سندس موڪل واردات واري جاءِ تي موجود نه ھئا، ان ڪري ھي ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت بدران سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو وڃي.

Leave A Comment