ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس دهشتگردي جو آهي: سيشن ڪورٽ ۾ هلائڻ واريون درخواستون رد

ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس دهشتگردي جو آهي: سيشن ڪورٽ ۾ هلائڻ واريون درخواستون رد

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي وارثن کان ڦري، ان کي باھ ڏيڻ وارو ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ بدران سيشن ڪورٽ ۾ ھلائڻ بابت جوابدارن محبوب ساند، شير علي، نويد ۽ ٻين پاران داخل ڪيل ٽن الڳ الڳ درخواستن بابت اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورخاص فيصلو جاري ڪندي حڪم ڏنو آھي تھ ڄاڻايل ڪيس دھشتگرديءَ جي ذمري ۾ اچي ٿو، ان ڪري ھي ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ئي ھلڻ گھرجي. عدالت اھڙو فيصلو جاري ڪندي ٽنھي جوابدارن پاران داخل ڪيل درخواستن کي ڊسپوز آف ڪري ڇڏيو آھي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر چيو آھي تھ ھي سمورو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ئي ھلڻ جوڳو آھي. ھن چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ واري ايف آءَ آر وارو ڪيس، جيڪو سيشن ڪورٽ ڏانھن موڪليو ويو آھي، ان کي ھو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري رھيا آھن، اي ٽي سي جي اڄوڪي فيصلي کي ھو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندا تھ جيئن ڊاڪٽر شاھنواز جو قتل ڪيس بھ اي ٽي سي ۾ ئي ھلي.