| ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس: ڊبل بينچ ڪيس تي سنگل بينچ آرڊر جاري نٿي ڪري سگهي، اعتراض رد |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ نه ٿيڻ جي حوالي سان اي ٽي سي عدالت پاران جوابدارن جي رد ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص ۾ نظرثاني جي داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي تي فريادي ڌر پاران ٻڌڻي ڪرڻ خلاف نظرثاني جي درخواست دائر ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران فريادي وڪيل ابراهيم ڪنڀر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي دوران اسان پاران ڪيس ڊبل بينچ اڳيان هلڻ دوران سنگل بينچ پاران ٽرائل ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي ٻڌڻي روڪڻ ۽ رڪارڊ طلب ڪرڻ واري فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست دائر ڪئي آهي جنهن تي جوابدار ڌر جي وڪيل اعتراض اٿاريا پر عدالت جوابدار ڌر جي وڪِيل جا عتراض رد ڪندي معزز عدالت ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته جسٽس حسن اڪبر تي اڳ ئي عدم اعتماد جو اظهار ڪري چڪا آهيون جنهن ڊبل بينچ واري ڪيس تي سنگل بينچ پاران اسٽي جاري ڪيو هو هن چيو ته اسان جي نظر ۾ جسٽس حسن اڪبر پاران جاري ڪيل آرڊر قانون کان مٿاهون آهي ان ڪيل آرڊر خلاف اسان نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي آهي ڊبل بينچ جي ڪيس تي سنگل بينچ آرڊر جاري نه ٿو ڪري سگهي هن چيو ته ان ڪيس ۾ سنڌ جي نمائندي بدران وفاقي حڪومت جي نمائندي کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها جنهن کي عدالت ٻڌڻ جي بنا اسٽي جاري ڪيو جيڪو اسان جي نظر ۾ غيرقانوني آهي هن چيو ته ڪيس ايف آءِ اي حوالي ٿيڻ بعد هاڻ اهو ڪيس صوبائي حڪومت جو ڪيس ناهي رهيو ايف آءِ اي وٽ وڃڻ بعد هاڻ اهو ڪيس فيڊرل جو ڪيس ٿي ويو آهي اسٽي واري ڪيس ۾ سنڌ جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو هو ان ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جي نمائندي کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها جنهن کي عدالت ٻڻڻ بنا اسٽي جاري ڪيو جيڪو اسان جي نظر ۾ غيرقانوني آهي ان بنياد تي اسان نظرثاني جي درخواست دائر ڪئي آهي