ڊاڪٽر شاھنواز جھڙا واقعا روڪڻ لاءِ انسانيت جي پيغام کي نصاب ۾ شامل ڪريو: ڏات ڌڻي

ڊسمبر 16, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو آهي ته سماج کي صوفي بنائڻ سان به تبديلي نه ايندي،  سائنسي علم ئي بنيادي طور علم آھي، رواداريءَ جو حڪمرانن جو تصور عوام جي خلاف آھي، ظالم ۽ مظلوم وچ ۾ رواداري نه ٿيندي آھي ،وڏيري ۽ ھاري ۾ رواداري نه ٿيندي، رواداري جو تصور اھو آھي ته ڪنھن جي به تذليل نه ٿئي ،اھڙي قوم پرستي جو قائل ناھيان ته سنڌ جو سڀ ڪجهه  عظيم آھي. سنڌ ۾ وڏيرا شاھي ۽ جاگيرداري ظالم قوتون موجود آھن. سنڌ لٽريچر فيسٽول ۾ رواداري ۽ سنڌ جي سري ھيٺ ٿيل سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ننڍي کنڊ ۾ اھم حيثيت رکندڙ خطو آھي، ھتي ٻڌ ازم جا ماڻھو رھيا. سنڌ جو ھندو نانڪ پنٿي آھي. ھتي سمورن مذھبن جا پوئلڳ رواداري ۾ رھيا آھن، هن وقت سنڌ جي رواداري کي موڙيو پيو وڃي. ھن چيو ته  انتھا پسندي  ماڻھن کي صوفي ٺاھڻ سان ختم نه ٿيندي، صوفي ٺاھڻ سان نئون سماج قائم نه ٿيندو، قومي غلامي ختم نه ٿيندي ، تصوف اندر گھڻو ڪجهه خيالي آھي، جنھن جو حقيقت سان ڪو تعلق ناھي، صوفي صاحب علم آھن پر سائنس اڄ جو علم آھي ،سنڌي سماج کي صوفي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناھي ،صوفي ازم جا سماجي قدر اسان وٽ موجود آھي پر اسان جي سماج کي اڄ سائنسي علم سان تبديل ڪري سگھجي ٿو. اسان کي تھذيبي نرگسيت مان نڪرڻو پوندو ، اهو صحيح آهي ته  سنڌو ڪناري ويد لکيا ويا پر انھن ۾ جيڪو بھتر آھي، ان کي قبول ڪرڻو هوندو. ھي ايڏو سادو مسئلو ناھي ،انتھا پرستي سياسي مسئلو آھي، اسان کي سيڪيولر طريقي سان علم کي اختيار ڪرڻو پوندو، جيئن مذھبي انتھا پرستي کي روڪڻ مسئلو آھي، تيئن ماضي پرستي کي روڪڻ گھرجي، اڄ جي ماڻھو کي سائنس ۽ سيڪيولر فڪر گھرجي. سيشن ۾ خطاب ڪندي خواجا عبدالحق چيو ته صوفي ازم مذھب سان ٽڪراءُ ۾ ناھي ، سچل ۽ ڀٽائي جي شاعري کي گھڻا ماڻھو سمجھن ڪونه ٿا.سمورا  مذھب انسانن لاءِ آيا. اڄ جي نوجوان طبقي کي گذارش آھي ته اهي مذهبن جي روح کي سمجھن. سچل سائين ستن ٻولين ۾ شاعري ڪئي، وٽس استادن جو احترام ھو. اڄ انهي ڳالهه  جي ضرورت آھي ته انسانيت جي پيغام کي نصاب ۾ شامل ڪجي ته جيئن ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل جھڙا واقعا نه ٿي سگھن. ھن ملڪ ۾ تصوف جون يونيورسٽيون ٺاهيون وڃن ، درگاھون ڌاڳن يا دعائن لاءِ ناھن، اتي درسگاهون ھجڻ گھرجن. تصوف کي سمجھڻ لاءِ ريسرچ جي ضرورت آھي.  سيشن ۾ ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي چيو ته اھو تصور ختم ٿيڻ گھرجي ته عورت ڪمزور آھي ، عورتن سورھيه بادشاھ ، سائين جي ايم سيد ۽ سوڀي گيانچنداڻي کي جنم ڏنو آھي. سنڌ جي ڌرتي اسان لاءِ عظيم آھي. نوجوان نسل کي پنھنجن ھيروز جي خبر ناھي. فيسٽيول جي ٻئي ۽ آخري ڏهاڙي مجموعي طور 15 کان وڌيڪ سيشن ٿيا، رات دير تائين موسيقي جي سيشن ۾ نامياري راڳي سيف سميجو پاران سرن جي ورکا ڪئي وئي.

چولستان ڪئنال تي پنجاب آواز نه اٿاريو ته گڙٻڙ ٿيندي: سلمان رشيد

ڪراچي : پنجاب جي ليکڪ سلمان رشيد چيو آھي ته سنڌو درياءَ تي چولستان ڪئنال جي تعمير خلاف سڀ کان وڌيڪ آواز پنجاب کي اٿارڻ گھرجي. پنجاب جي دانشور انهي مسئلي تي آواز نه اٿاريو ته وڏي گڙ ٻڙ ٿيندي. ڪالهه فيسٽول ۾ ڳالهائيندي ھن چيو ته سنڌ جا صوفي وڏا سوشل ريفارمرز ھئا، شاھ لطيف ۽ صوفي شاھه عنايت ھڪ صدي اڳ اھي ڳالھيون ڪيون، جيڪي اولهه جي فلاسافرن 100 سال بعد ۾ ڪيون، سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ثقافت ۽ تھذيب سان ڳنڍيل آھن پنجاب جي ماڻھن کي سنڌو تھذيب جي خبر ئي ناھي، ھن چيو ته سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ملڻ سان اردو کي ڪوبه خطرو ناھي ھن چيو ته  آئون ساڍا پنج سال فوج ۾ رھڻ بعد رٽائر ٿي ويس، مون سنڌ گھمي ڏٺي آھي مون کي سنڌي ماڻھن جي مھمان نوازي تي فخر آھي ،سنڌ جا ماڻھو پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا پر پنجاب جي ماڻھن کي انهي جي خبر ئي ناھي ، منھنجي انٽيليڪچوئل پيدائش سنڌ ۾ ٿي آھي انهي لاءِ آئون سنڌ جو ٿورائتو آھيان.

آءِٰ بي اي سکر  ۾ ميرٽ سبب ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ  شفاف ٿي سگهي: وي سي آصف شيخ

ڪراچي: آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وي سي آصف شيخ چيو ته اسان وٽ انسانن جي روزاني بنيادن تي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، اسان جا تعليمي ادارا ئي بهتر مستقبل جي اميد آھن 1985ع ۾ ڪراچي آياسين، هتي 38 سال گذاريا، آئون اين اي ڊي يونيورسٽي جو مستقل ملازم آھيان، نثار صديقي آءِ بي اي يونيورسٽي جو معيار انتھائي بلند رکيو ھو، هن يونيورسٽي ۾ ھڪ ھڪ داڻو ميرٽ تي رکيو ھو ـ جنهن  ڪري ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ  شفاف ٿي سگهي، هن چيو ته اسان سڀ سنڌ جا سپوٽ آھيون، ميرٽ جي ڪڏهن به لتاڙ نه ٿيڻ ڏيندس، اهڙو ڪو مرحلو آيو ته مون لاءِ وي سي جي سيٽ ڇڏي ڏيڻ مناسب ٿيندو.

Leave A Comment