ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي لطيف شناسي….ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

                 نامور اديب، شاعر، محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي،  پير بخش مهراڻيءَ جي گهر پهرين مارچ 1980ع 13 ربيع الثاني 1400هه تي ڳوٺ احدي خان راڄپر تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي تر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۽ شهرن مان حاصل ڪرڻ بعد ايم اي سنڌي ادب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات” جي عنوان تي  2013ع ۾ ڪيائين. پاڻ هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ درس و تدريس سان سلهاڙيل آهي. ڊاڪٽر شير جا لطيفي ڪتاب هن ريت  آهن:

1. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات، پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي.

2. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس ڊسمبر 2014ع ۾ شايع ڪيو.

3. جماليات: تنقيدي جائزو آگسٽ 2016ع ۾ شايع ٿيو.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جديد اڀياس ۾ لکي ٿو ته،  جڏهن جڏهن به شاهه لطيف جي شاعري پڙهجي ٿي ته شاهه سائين پڙهندڙ کي ڪنهن اهڙي هنڌ تي بيٺل نظر اچي ٿو جو محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هن ڪائنات جي تخليق واري عمل جو مشاهدو ڪيو آهي، هو وقت ۽ هنڌ يعني زمان ۽ مڪان جي مٿان ڪنهن اهڙي هنڌ نظر اچي ٿو، جتان نه صرف هو انت ۽ انت جو بيٺي پير مشاهدو ڪندي محسوس ٿئي ٿو پر وقت جي رفتار سميت حاضر يا موجود لمحي تي پڻ سندس گهري نظر محسوس ٿئي ٿي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته ڀٽائي وقت جي وهڪري جي ابتدا ۽ انتها کان نه صرف واقف آهي بلڪه هو وقت جي وهڪري ۽ رفتار جو گواهه آهي سنڌ ڌرتيءَ ۾ شاهه سائينءَ جو هجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. (ص 23)

4.  Bequest of Bhittai ڊاڪٽر مهراڻيءَ جو ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن 181 صفحن تي 2020ع ۾ شايع ڪيو، انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ آيل لطيفي مضمون ۽ مقالا شاهه لطيف جي سورمين، سندس شاعريءَ ۾ عالمي ڀائيچارو ۽ امن، شاهه جي شاعريءَ جو حسن، وليم ورڊس ورٿ ۽ شاهه جي شاعريءَ جو تقابلي مقابلو، شاهه جي شاعريءَ ۾ تصوف جو سنڌي سماج تي اثر ۽ ٻيا موضوع آهن.

5. لطيفيات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو  سنڌ ثقافت کاتي پاران 2021ع ۾ 498 صفحن تي ڇپيو.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات:

لطيفيات جي موضوع تي پي ايڇ ڊي مقالو ثقافت کاتي پاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي مهاڳ ۽ ايڊيٽنگ سان 2013ع ڊسمبر ۾ شايع ٿيو. سٽاءُ مطابق ڪل 5 باب آهن.  جماليات جي تشريح، پس منظر ۽ اوسر جي سري هيٺ سقراط کان اڳ قديم يونان ۾ جماليات جي تصور کي بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انيگزيمنڊر، انيگزيمينس، پيٿاگورس، هيرا قليطس جا جماليات بابت تصور ڏيڻ کان پوءِ سقراط ۽ سقراط کانپوءِ جي يوناني فلسفي مان افلاطون ۽ ارسطو  جا خيالات ڄاڻايا آهن، جديد فلسفي ۾ جماليات جو تصور ڪانٽ، هيگل، شاپنهار، ڪروچيءَ جي فڪر سان بيان ڪيل آهن، مذهبن ۾ جماليات جو تصور جي  باب ۾ هندو مت ۾ جماليات جو تصور، اسلام ۾ جماليات جو تصور، تصوف ۾ جماليات جو تصور بيان ڪيل آهي، جماليات جا مختلف قسم ۽ ڀٽائيءَ وٽ انهن جو تصور جي باب ۾ ذيلي موضوع فطري جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، درد جي جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، وجداني جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، جسماني جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور آهن. فني جماليات ۽ ڀٽائيءَ وٽ ان جو تصور باب ۾  فن، شاعري ۽ فني جماليات جي ذيلي موضوعن هيٺ شاهه لطيف جي فني جماليات جي ڪٿ ڪيل آهي، رسالي جي سُرن ۾ جماليات جو تصور جي باب ۾ سر ڪلياڻ کان بلاول تائين شاهه جي رسالي مان سُر وار ٽيهن سُرن مان موضوع جي اوک ڊوک ڪيل آهي،

جماليات جي حوالي سان شاهه صاحب جي شاعريءَ جا ٻه اهم رخ آهن، هڪ فني ۽ ٻيو فڪري، فني حوالي سان شاهه صاحب جي سموري رسالي ۾ ڀرپور موسيقيت، رواني، سلاست، نغمگي، ترنم ۽ شائستگي آهي، شاهه جو رسالو هڪ پاسي فڪري نڪتن ۽ فيلسوفياڻي ڏاهپ جو سمونڊ آهي ته ٻئي پاسي هڪ شآهڪار ادب پارو پڻ آهي، هو شاعراڻن ڳُڻن جو اهڙو مَها ڪاريگر آهي جو سندس چيل سٽن مان جمال جو رس ٽمندي محسوس ٿئي ٿو  (ص 260)

ملهه مهانگو قطرو، سِڪَڻ شهادت،

اسان عبادت، نظر ناز پريَن جو،

(ڪلياڻ 19-2)

امرت رس جو اهڙو دلفريب اظهار ۽ پرينءَ جي نگاهه جو ذڪر هڪ اهڙي روحاني ڪيفيت ۾ وٺي وڃن ٿا جتي فن جي اثر پذيري ڪمال جي درجي تي پهتل آهي، شاهه صاحب جو وجداني جمال پڻ هڪ ڌار ڪائنات آهي، جنهن ۾ سونهن ۽ ڪيف هڪٻئي سان مکيا ميل ٿيل پسجن ٿا. (ص 262)

ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي هيءَ تحقيق جماليات جي ڪيترن رُخن کي ظاهر ڪري ٿي جنهن هيٺ هُن لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾ موجود سونهن جي تصور کي اعليٰ وارفع ڄاڻايو آهي ۽ لطيف جو اهو سونهن جو تصور ڪائنات جي وجداني حسن کي سمجهڻ ۾ معاون ڏسيو اٿس، ڊاڪٽر مهراڻيءَ جي تحقيق 2013ع ۾ مڪمل ٿي کانئن اڳ ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻيءَ ساڳئي موضوع   شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو  تي 1992ع ۾ مڪمل ڪئي مون ٻنهي مقالن کي ڌيان سان پڙهيو آهي عنوان ۾ هڪجهڙائي هوندي به مواد ۾ فرق آهي، ڊاڪٽر شڪنتلا فقط فرد ۽ انساني عضون جي جماليات ۽ خاص طور عورت جي حسن ۽ سورمين جي سونهن تائين مقالي جي موضوع کي محدود ڪيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر مهراڻيءَ موضوع جي اکيڙ جماليات جي عالمي نظرين ۽  انسان جي ظاهري ۽ باطني حسن کانپوءِ ڪائناتي حسن تائين ڪيترن نقطن کي بحث هيٺ آڻي لطيف سائينءَ جي فلسفي، فن ۽ فڪر جي ذڪر سان رسالي جي ٽيهن سُرن مان سندس جمالياتي ڪاريگريءَ جي چونڊ بيتن سان بيان ڪندي موضوع جي چٽائي ڪئي آهي، بنيادي طور آئون وري به انهيءَ  راءِ جي آهيان ته اسان جي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ لطيف سرڪار جي فن بابت ڪيل پي ايڇ ڊيز جون فهرستون موجود هجن ته جيئن ڪو به مقالو موضوعاتي طور ورجاءُ جي حوالي نه ٿئي،

ڊاڪٽر شير مهراڻي کيرون لهڻي هن پنهنجي تحقيق موضوع سان مڪمل انصاف ڪيو آهي، بيتن جو سٽاءُ سهڻو آهي، سُر ۽ داستان هر بيت جا ڄاڻايل ڏنل آهن، ۽ انهن جي وضاحت وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي لطيفي پرک شانائتي شمار ٿيندي.