ڊاڪٽر شير مهراڻي سنڌي ٻولي اٿارٽي جو چيئرمين مقرر

ڊاڪٽر شير مهراڻي سنڌي ٻولي اٿارٽي جو چيئرمين مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڊاڪٽر شير مهراڻي کي 3سالن لاءِ سنڌي ٻولي اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو، ثقافت کاتي پاران ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر سميت ٽن ڄڻن جا نالا شارٽ لسٽ ڪري وزراعليٰ ڏانهن  اماڻيا ويا هئا، وڏي وزير ڊاڪٽر شير مهراڻي کي سنڌي ٻولي اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. سروسز کاتي جي اختيارين پاران مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو