| ڊاڪٽر صاحب ڏُٻرا ٿي ويا آهيو: بلاول کٽومل کان طبيعت پڇي |
مٺي: اين اي ڊي انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪيمپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب بعد پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسٽيج تان ھيٺ لھي اچي پي پي جي جهوني جيالي کٽومل جيوڻ سان مليو ۽ طبيعت جو پڇندي چيائين ته ڊاڪٽر صاحب توھان ڪافي ڪمزور لڳو ٿا، جنھن بعد راھول جيوڻ کي سار سنڀال لھڻ جو چيائين ان بعد واپس ڪراچي روانو ٿيو.