ڊاڪٽر عاصم، قادر پٽيل، وسيم اختر خلاف دهشتگردن جي علاج وارو ڪيس خارج

آگسٽ 12, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن کي علاج جي سهولت ڏيڻ واري ڪيس ۾ گهرو کاتي سنڌ جي ڪيس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ڪيس واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪيو ويو

دهشتگردي ٽوڙ عدالت  گهرو کاتي پاران ڪيس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪندي فيصلو ٻڌايو، جوابدارن ۾ پ پ اڳواڻ قادر پٽيل، ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر، انيس قائمخاني، رئوف صديقي به شامل آهن

8سال ڪيس ٻڌڻي هيٺ رهيو، گهرو کاتي فيبروري 2023ع ۾ اها درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ثبوت نه هجڻ تي ڪيس واپس ورتو پيو وڃي جنهن تي اڄ عدالت فيصلو ٻڌايو،

ڪيس ۾ 19 شاهدن بيان قلمبند ڪرايا، ڪيس جڏهن حتمي مرحلي ۾ داخل ٿيو ۽ جوابدارن جا بيان قلمبند ٿيڻا هئا ته اهڙي مرحلي تي گهرو کاتي درخواست داخل ڪئي هئي

Leave A Comment