| ڊاڪٽر فضيلا جي مني لانڊرنگ سان واسطو ناهي: حمزه عباسي |
اسلام آباد (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار حمزه عباسي پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر فضيلا عباسي خلاف هلندڙ 25 اربن جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پنهنجو نالو اچڻ تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي معاملي سان سندس ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي هو ڪنهن به قسم جي جاچ جو حصو آهي. حمزه عباسي چيو ته تازو خبرن ۾ سندس نالو ڀيڻ ڊاڪٽر فضيلا عباسي جي حوالي سان ڳنڍيو پيو وڃي، جيڪو سچ ناهي. هن واضح طور تي چيو ته هو نه ته ڪنهن اداري ( ايف آءِ ا ي) جي جاچ جو حصو آهي ۽ نه ئي هو ڪنهن به حيثيت ۾ انهي ڪيس ۾ شامل آهي. هن پنهنجي ڀيڻ کي ڪامياب ۽ باصلاحيت پروفيشنل قرار ڏيندي چيو ته هو ڀاءُ جي حيثيت سان ڊاڪٽر فضيلا سان گڏ بيٺل آهي، کيس پنهنجي ڀيڻ جي ايمانداري تي مڪمل اعتماد آهي، حمزه عباسي چيو ته کيس يقين آهي ته لاڳاپيل ادارا انصاف کي يقيني بڻائيندا، هن واضح ڪيو ته ڀيڻ جا پروفيشنل ۽ قانوني معاملا کانئس الڳ آهن. هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته هو ڪيس سان لاڳاپيل سوال نه پڇنم ڇو ته هو انهي ۾ ڌر ناهي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ سندس نالو ڪيس سان ڳنڍيو ويو ته هو قانوني ڪارروائي ڪندو، حمزه علي عباسي جي بيان کانپوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته هو پاڻ کي ڪيس کان مڪمل طور تي الڳ سمجهي ٿو.