محمد ابراهيم ڳوٺ خير محمد نزد بلڙي شاهه ڪريم ۾ محمد دائود سمي جي گهر 5 نومبر 1953ع تي پيدا ٿيو، 1972ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1986ع ۾ بي اي ۽ پوءِ ايم اي سنڌي ڪيائين، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان 1996ع ۾ پاس ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 2009ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتائين. سندس تحقيق جو عنوان “شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار” آهي، جنهن کي ساڳئي عنوان ۽ سهڻي ٽائيٽل سان روشني پبليڪيشن ڪنڊياري وارن 2011ع ۾ شايع ڪيو، هن ٿيسز جو انتساب شاهه لطيف سان محبت ڪندڙن جي نالي آهي ته 449 صفحن جي انهيءَ تحقيق کي محقق چئن بابن ۾ ورهايو آهي ۽ آخر ۾ ببليو گرافي ۽ نتيجا ڄاڻايل آهن، ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ هيءُ تحقيقي ڪم پايهء تڪميل تي پهتو.
عام طور اهو چيو ويندو آهي ته شاهه لطيف عورتن جو شاعر آهي ۽ هُن پنهنجي رسالي ۾ سورمين کي مرڪز ۽ موضوع بڻائي شاعري ڪئي آهي، پر ڊاڪٽر ابراهيم موجب ته شاهه وٽ ڪنهن به مرد يا عورت جي ڪردار کي گهٽائڻ يا وڌائڻ جي ڳالهه نه آهي، مرد ۽ عورت جي سماجي ۽ نفسياتي حيثيت کي رسالي ۾ نروار ڪيو آهي، سندن موجب، هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو به ڪم ٿيل نه هو فقط هڪ ٻن مضمونن کان سواءِ هيءَ تحقيق هڪ نئين موضوع تي آهي، پر مون هيستائين جيڪو لطيفيات جو تحقيقي ڪم پرکيو آهي ان مطابق ڊاڪٽر ابراهيم کان اڳ ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻيءَ جو ايم فِل جو مقالو “شاهه جا سرموڙ” 1981ع ۾ الهاس نگر مان ڇپيو هو، جنهن جو رهبر ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي هو ۽ سنڌ ۾ 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن ئي اهو ايم فِل جو مقالو سنڌ ۾ شايع ڪيو هو. يعني ڊاڪٽر ابراهيم کان اڳ شاهه جي رسالي جي مرد ڪردارن بابت تحقيقي ڪم موجود هو پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ايم فِل جي انهيءَ مقالي ۾ شاهه جي هيروز يعني مرد ڪردارن تي مختصر ڪم آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر ابراهيم جو پي ايڇ ڊي مقالو مڪمل طور موضوع سان سلهاڙيل ۽ تفصيلي آهي، خاص طور هن مقالي ۾ محقق جو مقصد شاهه لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مرد ڪردارن کي هڪ جاءِ تي ڪٺو آڻي انهن جي سماجي، ثقافتي، تاريخي ۽ روحاني پس منظر بيان ڪرڻ سان گڏ مرد جي نفسيات جو مطالعو ۽ دنيا جي عظيم تخليق مرد (آدم عليه السلام) کان جي ارتقا کي تحقيقي انداز سان پيش ڪرڻ آهي،
فهرست ۾ بابن جو اندراج هن ريت آهي، باب پهريون: انسان جي ارتقا (الف) مختلف مذهبن ۾ انسان جي ارتقا بابت نظريا (ب) مختلف سماج ۾ انسان جي ارتقا (ت) انسان جي ارتقا بابت، مختلف عالمن ۽ بزرگن جا رايا (ث) شاهه لطيف جي ڪلام جي روشني ۾ انسان يعني “مرد” جي ارتقا، باب ٻيو: سنڌي شاعريءَ ۾ مرد ڪردار (الف) مرد جي ڪردار مان ڇا مُراد آهي؟ (ب) لوڪ شاعريءَ ۾ مرد جو ڪردار (ت) شاهه لطيف کان اڳ واري اثاثي شاعريءَ ۾ مرد جو ڪردار، باب ٽيون: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار (الف) شاهه صاحب جو زمانو (ب) شاهه جي حياتيءَ جو احوال عالمن ۽ بزرگن سان ملاقاتون (ت) شاهه جي ڪلام ۾ مختلف مرد ڪردار (ث) شاهه جي رسالي ۾ تاريخي ڪردار عشقيه قصا ۽ داستان، باب چوٿون: شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مرد جي نفسيات جو مطالعو (الف) مرد جي وفاداري (ب) مرد جي سهپ ۽ صبر (ت) مرد جي جاکوڙ ۽ جستجو (ث) مرد جي ڪمزوري، انهيءَ کانپوءِ مقالي جا نتيجا ڏنل آهن.
ڊاڪٽر ابراهيم پهرين باب ۾ انساني ارتقا متعلق تفصيلي بحث ڪندي مختلف مذهبن جا حوالا ڏنا آهن ۽ دنيا جي ڏاهن ، عالمن ۽ مفڪرن جا ويچار ڄاڻائيندي ، لطيف سرڪار جي بيتن جي روشنيءَ ۾ انساني ارتقا تي روشني وڌي آهي،
مُورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،
ڪبي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي،
(سر ڪلياڻ، 5-4)
محقق موجب، رب پاڪ انسان جو شان ۽ مان مٿانهون ڪيو آهي، هُن کيس پنهنجي صورت مطابق پيدا ڪيو آهي ۽ سندس تخليق کي لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ مانائتو ڪري پيش ڪيو آهي، تحقيق مان چند حوالا پيش ڪجن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته، “آڳاٽي زمان کان وٺي اڄ تائين تهذيب ۽ تمدن ۾ مرد جو ڪردار مرڪزي رهندو اچي، ڇو ته هر ڏُکيي کان ڏکيو ڪم مرد کي ئي ڪرڻو پوي ٿو، سردي هجي يا گرمي، هوائون هجن يا جهولا، برساتيون هجن يا طوفان انهن سڀني مشڪلاتن کي مرد جبل وانگر منهن ڏئي ٿو، زال، ٻار ۽ پيارن لاءِ هي رات ڏينهن ننڊون ڦٽائي محنت ڪري انهي کي سُک ڏئي ٿو، جيڪو حڪم کيس مذهب اسلام پڻ ڏنو آهي.” (ص 36)
محمد ابراهيم اساسي شاعريءَ ۾ سنڌي مرد ڪردارن جي حوالي سان قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت ۽ ميين عيسيٰ ۽ ٻين جي ڪلام مان مثال ڏنا آهن.
“شاهه جا سورما ڪٿي هڪڙو آهي ته ڪٿي گڏيل آهن، جيئن پنهون ۽ ٻيجل آهي، ڪن خاص عادتن، خاصيتن، لاڙن وارن ماڻهن جي ٽولي يا گروهه کي گڏي، پنهنجي شاعريءَ ۾ سورمي جي حيثيت ڏني آهي، سر کاهوڙيءَ ۾ ‘کاهوڙي’ ۽ سر رامڪلي ۾ جوڳي سامي اهي سڀ سورما آهن.” (ص 99)
هن تحقيق ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته پياري نبيءَ حضرت محمدﷺ جن کي شاهه لطيف پهريون بهترين مرد ڪردار ڄاڻايو آهي، ان کانپوءِ حضرت موسيٰ عه، حضرت ابراهيم عه، پنهون ڄام، چنيسر، راڻو، ميهار، راءِ ڏياچ، مورڙو، جسودن جکرو، انيراءِ، لاکو ڦلاڻي، ابڙو سمون ۽ ٻيا سخي ڏاتار، سونارا، ويڄ، حڪيم، متارا، وڻجارا، سوداگر، شڪاري، هاري ناري، عاشق، پير ۽ مريد ۽ ٻيا ڪيترا مرد ڪردار سندن خوبين سبب ساراهيا آهن.
نتيجي طور محقق لکي ٿو ته، “منهنجي تحقيق مان هي نتيجو نڪري ٿو ته شاهه صاحب وٽ مرد جو ڪردار سڀ کان مٿانهون ۽ اعليٰ آهي، ڇو ته شاهه صاحب جو مرد ئي هڪ ڪامل آهي، ان ڪامل لاءِ ئي عورت وڏي جاکوڙ ڪري ٿي، جيئن اسان جا اديب چون ٿا ته شاهه وٽ مرڪزي نقطو عورت آهي ته آئون ايئن چوندس ته خود عورت جو مرڪزي نقطو مرد ئي آهي ۽ بس!!” (ص 396)
هن تحقيق معرفت مرد جي وفاداري، سهپ، صبر، جاکوڙ جستجو ۽ بشري ڪمزورين کي نروار ڪندي عنوان کي واضح ڪيو ويو آهي، شخصي يا اجتماعي طور رسالي ۾ آيل مرد ڪردارن جي بابت بيتن معرفت مثال ڏنا ويا آهن، آخر ۾ ببليوگرافي ۽ حوالا آهن. ببليو گرافيءَ ۾ عربي، انگريزي، اردو ڪتابن سان گڏ 232 سنڌي ٻوليءَ جي لاڳاپيل ڪتابن کي آندو ويو آهي، حوالا هر باب جي آخر ۾ ڏيڻ گهرجن، ڪتاب جي بلڪل آخر ۾ آيل سمورن حوالن کي ڳولڻ ۾ پڙهندڙ کي مشڪلات محسوس ٿيئي ٿي. هيءُ ڊاڪٽر ابراهيم جا لطيفي مقالا لطيف ڪانفرنس جي ڪتابن ۾ ڇپيل آهن، جيئن “شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ماڻهن جا نالا ۽ ذاتيون”، “جادم جکري جو قومي ڪردار”، “سر مومل راڻي جو فلسفو”، “سر کاهوڙيءَ ۾ جستجو ۽ جاکوڙ جو سبق”، “سر پورب جا مرد ڪردار ۽ شاهه جو فڪر” ۽ ٻيا آهن. سندن ڪتاب “اندر تون اجار” ثقافت کاتي پاران 2017ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ ٽيهه لطيفي ليک، جيئن “شاهه جو ڪامل انسان”، “ڄام تماچيءَ جو عوامي ڪردار”، “شاهه لطيف جي نظر ۾”، “ملير ۽ مارئي” ۽ ٻيا آهن، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ جي لطيفي پي ايڇ ڊي تحقيق “شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار”، موضوع مطابق هئڻ جي حوالي سان اهميت رکي ٿي.