ڊاڪٽر ڪريم جو آپگهات: پوليس جوابدارن تي مهربان، ڪا گرفتاري نه ٿي، وڌيڪ 3 ڄڻن جي ضمانت

مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي پوليس چيف ميڊيڪل آفيسر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي واري هاء پروفائيل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن تي مهربان بڻجي ڪابه گرفتاري نه ڪئي۔  ھٽايل ايس ايس پي شعيب ميمڻ چارچ ڇڏي روانو ٿي ويو۔  نئين ايس ايس پي عبدالله ميمڻ چارچ سنڀالي ورتي۔  خبر موجب  سول اسپتال مٺي جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ خودڪشي واري ڪيس ۾ پوليس ڪابه گرفتاري نه ڪئي۔ ۽ ايس ايڇ او مٺي جوابدارن مٿان شروع کان وٺي مهربان بڻيل رهيو آھي جنهن ڪري ٿر جي باشعور حلقي ۽ فريادي ڌر ۾ سخت تاء پکڙيل آھي هوڏانهن پوليس جي رعايت سبب جوابدارن پاران لاڳاپيل عدالتن مان ضمانتون ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي۔ مٺي جي ايڊيشنل سيشن جج  ون جي عدالت ڪيس ۾ نامزد ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙي،اسٽاف نرس منٺار ڀيل،اسٽاف نرس سردار ڀيل جي 2-2لک عيوض اٺ ڏينهن لاء سندن ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي، ساڳي عدالت ڪيس ۾ نامزد صحت کاتي سنڌ جي سيڪشن آفيسر شفيق اڄڻ جي ڪچي ضمانت پڻ 30 مارچ تائين منظور ڪئي۔ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ خودڪشي واقعي جو  صحت کاتي جي 8 آفيسرن ۽ لوئر اسٽاف مٿان مٺي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو۔مٺي پوليس گرفتارين لاء ڪوبه تحرڪ نه ورتو۔ نامزد جوابدارن پاران ضمانتون ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي۔ هوڏانهن ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ۽ پي پي ايڇ آء جي ڊاڪٽر راول ميگهواڙ خودڪشي واقعي تي پوليس جي مشڪوڪ ڪردار مٿان سوال اٿاريندڙ صحافين ۽ سوشل ايڪٽوسٽ کي کنڀڻ۔ ڪوڙن ڪيس ۾ ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ پ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ سمترا منجياڻي جي گهر تي چڙھائي معاملن کانپوء آء جي سنڌ پاران هٽائي سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪرايل ايس ايس پي شعيب ميمڻ چارچ ڇڏي روانو ٿي ويو آھي ۽ مقرر ٿيل نئين ايس ايس پي عبدالله ميمڻ چارچ سنڀالي ورتي، جڏهن ته  ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ واقعي جي جوابدارن تي مهربان بڻيل ۽ ڪيس کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايس ايڇ او مٺي  قادر بخش بهراڻي اڃان تائين عهدي تي موجود آھي اختيارين ايس ايچ او خلاف هيستائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آھي۔