ڊاڪٽر ڪريم شيخ آپگهات ڪيس ۾ ڊاڪٽرن  سميت 5 ڄڻن جي  ضمانت

ڊاڪٽر ڪريم شيخ آپگهات ڪيس ۾ ڊاڪٽرن  سميت 5 ڄڻن جي  ضمانت

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) مٺي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي موت واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڊاڪٽرن سميت 5 ڄڻن جي ضمانت منظور، خبر موجب مٺي سول اسپتال ۾ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل مٺي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر موھن لال کتري، ايس ايم او ڊاڪٽر عبدالمالڪ نوھڙي، اسٽور ڪيپر برڪت ھڱورجو، اسٽاف ميل نرس منٺار ڀيل ۽ اسٽاف ميل نرس سردار ڀيل جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ مان ھڪ ھڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل مٺي اسپتال جي سول سرجن ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي جي گذريل ڏينھن گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي وئي ھئي. واضح رھي تھ خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي پٽ محمد صادق مٺي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو تھ سندس والد کي مٿين جوابدارن ذھني ٽارچر ڪري کيس خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھو