| ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي آپگهات ذميوارن جي ضمانت درخواست رد، 7 جوابدار عدالت مان فرار |
مٺي (رپورٽر) ايڊيشنل سيشن جج ون مٺي جي عدالت ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد 8 مان 7 جوابدارن پاران پڪي ضمانت لاء ڏنل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي۔ عدالت فريادي محمد صادق شيخ جي وڪيل ايڊووڪيٽ جهلم سنگهھ ۽ جوابدارن جي ڌار ڌار وڪيلن جا دليل ٻڌڻ ضمانتون رد ڪري ڇڏيون ۽ جوابدار عدالت مان آساني سان فرار ٿي ويا۔ پوليس عدالت ٻاهران کين گرفتار ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي۔ ۽ الٽو کين فرار ڪرائڻ ۾ سهولتڪاري ڪندي نظر آئي۔ ان ڏس ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد 7 جوابدار ڪچي ضمانت تي هئا ۽ پڪي ضمانت لاء درخواستون ڏنيون هيون۔ ضمانتون رد ٿيڻ بعد فرار ٿيل جوابدارن ۾ صحت کاتي سنڌ جو ايس او شفيق اڄڻ۔ اڳوڻو ايم ايس ڊاڪٽر هريش جڳاڻي۔ ڊاڪٽر موهن لال کتري۔ ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو۔ منٺار ڀيل۔ سردار ڀيل ۽ برڪت هنڱورجو شامل آھن جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ نامزد هڪ وڌيڪ جوابدار رجب علي عرف عبدالڪريم ڪنڀار ضمانت وغيره ڪرائڻ لاء اڃان تائين عدالت سان رجوع به نه ڪيو آھي۔ايڊيشنل سيشن جج ون جي عدالت ۾ ضمانتن لاء ڏنل درخواستن تي ٻڌڻي بعد وڪيلن وچم بحث ٿيو۔ جنهن عدالت دليل ٻڌڻ بعد ضمانتون رد ڪري ڇڏيون۔