ڊبليو ٽي اي ٽينس قازقستان کٽي ورتو، فائنل ۾ عالمي نمبر هڪ آرينا سبالنڪا کي اپ سيٽ شڪست

ڊبليو ٽي اي ٽينس قازقستان کٽي ورتو، فائنل ۾ عالمي نمبر هڪ آرينا سبالنڪا کي اپ سيٽ شڪست

رياض(اسپورٽس نيوز) ڊبليو ٽي اي ٽينس فائنل ۾ عالمي نمبر هڪ آرينا سبالنڪا کي اپ سيٽ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. قازقستان جي ايلينا ريباڪينا فائنل ۾ اسٽريٽ سيٽس ۾ 3-6 ۽ 6-7 تان ارينا سبالنڪا کي هارائي ڇڏيو ۽ ڊبليو ٽي اي ٽينس ۾ رڪارڊ انعامي رقم حاصل ڪرڻ جو اعزاز به ماڻيو. فائنل کٽڻ تي ريباڪينا کي وومين ٽينس جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ انعامي رقم 3.98 ملين پائونڊ ملي، ان کان اڳ وومين ٽينس جي سڀ کان وڏي انعامي رقم ارينا سبالنڪا کي ملي هئي، کيس يو ايس اوپن کٽڻ تي 3.74 ملين پائونڊ مليا هئا.  اپ سيٽ شڪست تي ارينا سبالنڪا جا ڳوڙها وهي پيا ۽ هن چيو ته ريباڪينا سٺي رانديگرياڻي آهي، هن مون کي آئوٽ ڪلاس ڪيو. ريباڪينا چيو ته هي مون لاءِ شاندار هفتو رهيو آهي پر مون کي ان نتيجي جي اميد نه هئي.