ڊجيٽل آدمشماري : منوڙا ڪينٽ ۽ ڪلفٽن جي آبادي ۾ گهٽتائي

مَي 21, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ اندر 16 مئي 2023ع تائين ٿيل ڊجيٽل آدشماري جي سامهون آيل غير سرڪاري انگن اکرن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملير ڪينٽ جي آبادي ۾ 39.25 سيڪڙو، گڏاپ تعلقي جي آبادي ۾ 39.50 سيڪڙو، بن قاسم تعلقي جي آبادي ۾ 21.78 سيڪڙو، لانڍي تعلقي جي آبادي ۾ 22.48 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته منوڙا ڪينٽ جي آبادي ۾ 24.67 سيڪڙو، ڪلفٽن ڪينٽ جي آبادي ۾ 23.69 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي

 “پنهنجي اخبار”  کي مليل معلومات مطابق ڪراچي ڊويزن جي ڪراچي سينٽرل ضلعي جي گلبرگ تعلقي جي آبادي ۾ 20.74 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 5 لک 99 هزار 3، لياقت آباد تعلقي جي آبادي ۾ 19.44 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 5 لک 36 هزار 412، ناظم آباد تعلقي جي آبادي ۾ 24.81 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 5 لک 57 هزار 86، نيو ڪراچي تعلقي جي آبادي ۾ 30.08 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 11 لک 33 هزار 315، نارٿ ناظم آباد تعلقي جي آبادي ۾ 20.23 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 8 لک 87 هزار 387 ٿي وئي آهي

 ڪراچي ايسٽ ضلعي جي تعلقي فيروز آباد جي آبادي ۾ 24.41 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 9 لک 47 هزار 513، گلشن اقبال جي آبادي ۾ معمولي يعني 0.17 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 6 لک 48 هزار 262 جڏهن ته فيصل ڪينٽ جي آبادي ۾ 9.93 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 25 هزار 980، گلزار هجري تعلقي جي آبادي ۾ 17.53 واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 8 لک 58 هزار 8.9، جمشيد ڪوارٽر تعلقي جي آبادي ۾ 16.69 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 5 لک 45 هزار 320 ٿي وئي آهي، ڏکڻ ڪراچي ضلعي جي  آرام باغ تعلقي جي آبادي ۾ 25.76 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي هڪ لک 61 هزار 367، سول لائين تعلقي جي آبادي ۾ 23.51 سيڪرو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 76 هزار 591، ڪراچي ڪينٽ جي آبادي ۾ 14.80 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 78 هزار 548، جڏهن ته ڪلفٽن ڪينٽ جي آبادي ۾ 23.69 گهٽتائي کان پوءِ آبادي گهٽجي 2 لک 32 هزار 740 تي پهتي آهي

 2017ع ۾ ڪلفٽن ڪينٽ جي آبادي 3 لک 4 هزار 994 هئي، گارڊن تعلقي جي آبادي ۾ 11.46 سيڪڙو اضافي ٿيڻ بعد آبادي وڌي 4 لک 5 هزار 695، لياري تعلقي جي آبادي ۾ 13.17 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 7 لک 49 هزار 120، صدر تعلقي جي آبادي ۾ 17.07 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 42هزار 468 ٿي وئي آهي

 ڪراچي ويسٽ ضلعي جي تعلقي منگهو  پير جي آبادي ۾ 23.59 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 8 لک 78 هزار 999، مومن آباد تعلقي جي آبادي ۾ 8.87 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 8 لک 20 هزار 942، اورنگي تعلقي جي آبادي ۾ 5.46 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 5 لک 48 هزار 582 ٿي وئي آهي

 ڪياماڙي ضلعي جي تعلقي بلديه جي آبادي ۾ 24.45 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 10 لک 36 هزار 187، ڪياماڙي تعلقي جي آبادي ۾ 22،46 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 85 هزار 977، مينگورا ڪينٽ جي آبادي ۾ 24.67 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ آبادي گهٽجي 3 هزار 219 ٿي وئي آهي، ماڙيپور تعلقي جي آبادي ۾ 23.59 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 38 هزار، سائيٽ تعلقي جي آبادي ۾ 19.67 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 82 هزار 961 ٿي وئي آهي

 ڪورنگي ڪراچي ضلعي جي تعلقي ڪورنگي جي آبادي ۾ 24.28 سيڪرو واڌ بعد آبادي 13 لک 31 هزار 696، ڪورنگي ڪينٽ جي آبادي ۾ 7.01 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 61 هزار 788، لانڍي تعلقي جي آبادي ۾ 22.48 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 6 لک 68 هزار 995، ماڊل ڪالوني تعلقي جي آبادي ۾ 16.66 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 48 هزار 412، شاهه فيصل تعلقي جي آبادي ۾ 40.39 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 6 لک 28 هزار 582 ٿي وئي آهي

 ملير ضلعي جي ايئرپورٽ تعلقي جي آبادي ۾ 8.72 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 9 هزار 637، بن قاسم تعلقي جي آبادي ۾ 21.78 سيڪرو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 2 هزار 129، گڏاپ تعلقي جي آبادي ۾ 39.50 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 89 هزار 491، ابراهيم حيدري تعلقي جي آبادي ۾ 17 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 12 لک 24 هزار 28، مراد ميمڻ تعلقي جي آبادي ۾ 6.34 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 45 هزار 77 ٿي وئي آهي، ملير ڪينٽ جي آبادي ۾ 39.25 سيڪرو واڌ ٿيڻ بعد آبادي وڌي هڪ لک 86 هزار 739، شاهه مريد تعلقي جي آبادي ۾ 14.3 سيڪرو واڌ بعد آبادي وڌي 34 هزار 32 ٿي وئي آهي،

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار