اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ 16 مئي 2023ع تائين ٿيل ڊجيٽل آدمشماري جي سامهون آيل غير سرڪاري نتيجن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دادو ضلعي جي ضلعي هيڊڪوارٽر تعلقي دادو جي آبادي کان ميهڙ تعلقي جي آبادي وڌي وئي آهي، جڏهن ته سجاول ضلعي جي ضلعي هيڊڪوارٽر واري تعلقي کان ميرپور بٺورو، جيڪب آباد ضلعي جي ضلعي هيڊڪوارٽر واري تعقلي جيڪب آباد کان ٺل تعلقو وڌي آبادي وارو تعلقي بڻجي ويو آهي،
تفصيل موجب 16 مئي 2023ع تائين ملڪ اندر ٿيل ڊجيٽل آدمشماري جا تعلقيوار انگ اکر به سامهون اچي ويا آهن، حيدرآباد ڊويزن ۾ شامل ضلعن مان 2017ع جي آدمشماري جي مقابلي ۾ بدين ضلعي جي بدين تعلقي جي آبادي ۾ 13.24 سيڪڙو اضافو ٿيڻ کان پوءِ آبادي 5 لک 14 هزار 750 ٿي وئي آهي
گولاڙچي تعلقي جي آبادي ۾ 21.08 سيڪڙو واڌ کان پوءِ تعلقي جي آبادي 4 لک 4 هزار 949 ٿي وئي آهي، ماتلي تعلقي جي آبادي ۾ 10.20 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي 4 لک 90 هزار 41، ٽنڊو باگو تعلقي جي آبادي ۾ 14.47 سيڪڙو اضافي کان پوءِ ٽنڊو باگو تعلقي جي آبادي 4 لک 45 هزار 30 ٿي وئي آهي
دادو ضلعي جي تعلقي دادو جي آبادي ۾ 2017ع جي آبادي جي مقابلي ۾ 10.44 سيڪڙو واڌ کان پوءِ دادو تعلقي جي آبادي 5 لک 9 هزار 874 ٿي وئي آهي، جوهي تعلقي جي آبادي ۾ 15.14 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 78 هزار 953، خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي آبادي ۾ 15.68 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 86 هزار 922، ميهڙ تعلقي جي آبادي ۾ 15.03 سيڪڙو اضافي کان پوءِ تعلقي جي آبادي وڌي 5 لک 28 هزار 955 ٿي وئي آهي
حيدرآباد ضلعي جي حيدرآباد تعلقي (رورل) جي آبادي ۾ 16.83 سيڪڙو واڌ کان پوءِ حيدرآباد تعلقي جي آبادي وڌي5 لک 44 هزار 785 ٿي وئي آهي، لطيف آباد تعلقي جي آبادي ۾ 18.38 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 8 لک 33 هزار 5 ٿي وئي آهي، قاسم آباد تعلقي جي آبادي ۾ 19.9 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 62 هزار 959 ٿي وئي آهي، جڏهن ته حيدرآباد سٽي تعلقي جي آبادي ۾ 26 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ آبادي وڌي 8 لک 62 هزار 687 ٿي وئي آهي، ڄامشوري ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي جي آبادي ۾ 12.12 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 91 هزار 156 ٿي وئي آهي، مانجهند تعلقي جي آبادي ۾ 16.63 سيڪرو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ آبادي وڌي هڪ لک 64 هزارف 182، سيوهڻ تعلقي جي آبادي ۾ 28.82 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 47هزار584 ۽ ٿاڻو بولا خان جي آبادي 16.80 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ تعلقي جي آبادي وڌي هڪ لک 69 هزار 667 ٿي وئي آهي
مٽياري ضلعي جي هالا تعلقي جي آبادي ۾ 15.32 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 2 هزار 862، مٽياري تعلقي جي آبادي ۾ 17.19 سيڪڙو واڌ ٿيڻ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 99 هزار 731، سعيد آباد تعلقي جي آبادي ۾ 15،62 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي هڪ لک 93 هزار 269 ٿي وئي آهي
سجاول ضلعي جي جاتي تعلقي جي آبادي ۾ 18.33 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 38 هزار 880، کارو ڇاڻ تعلقي جي آبادي 33.49 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 13 هزار 663، ميرپور بٺورو تعلقي جي آبادي ۾ 23،12 سيڪڙو واڌ کان پوءِ تعلقي جي آبادي 2 لک 59 هزار 552، شاهبندر تعلقي جي آبادي ۾ 16.66 سيڪڙو وڌا ٿيڻ بعد آبادي وڌي هڪ لک 86 هزار 359، سجاول تعلقي جي آبادي ۾ 20.08 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 35 هزار 835 ٿي وئي آهي
ٽنڊو الهيار ضلعي جي چمبڙ تعلقي جي آبادي ۾ 19.11 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي 2 لک 50 هزار 378، جهنڊو مري تعلقي جي آبادي ۾ 8.63 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 86 هزار 90، ٽنڊو الهيار تعلقي جي آبادي ۾ 15.39 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 46 هزار 725 ٿي وئي آهي
ٽنڊو محمد خان ضلعي جي بلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي آبادي ۾ 8.36 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 56 هزار 827، ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي آبادي ۾ 19.23 سيڪڙو واڌ کان پوءِ تعلقي جي آبادي 2 لک 20 هزار 200، ٽنڊو محمد خان تعلقي جي آبادي ۾ 9.84 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 80 هزار 547 ٿي وئي آهي
ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاڙي جي آبادي ۾ 24.87 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 17 هزار 326، ڪي ٽي بندر تعلقي جي آبادي ۾ 10.21 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 65 هزار 794، ميرپور ساڪرو تعلقي جي آبادي ۾ 17.55 سيڪرو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک هڪ هزار 643، جڏهن ته ٺٽي تعلقي جي آبادي ۾ 15.20 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 68 هزار 509 ٿي وئي آهي
لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ شامل ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي آبادي ۾ 63.74 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ آبادي وڌي 2 لک 60 هزار 372 ٿي وئي آهي، جيڪب آباد تعلقي جي آبادي ۾ 49.89 سيڪڙو واڌ ٿيڻ بعد آبادي وڌي 5 لک 73 هزار 461، ٺل تعلقي جي آبادي ۾ 34.8 سيڪرو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 6 لک 65 هزار 902 ٿي وئي آهي، ڪشمور ضلعي جي تعلقي ڪنڌڪوٽ جي آبادي ۾ 32،83 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 86 هزار 313، ڪشمور تعلقي جي آبادي ۾ 35.78 سيڪڙو واڌ ٿيڻ کان پوءِ آبادي 5 لک 90 هزار 597، تنگواڻي تعلقي جي آبادي ۾ 49.69 سيڪڙو واڌ ٿيڻ بعد آبادي وڌي 4 لک 32 هزار 998 ٿي وئي آهي
لاڙڪاڻي ضلعي جي باقراڻي تعلقي جي آبادي ۾ 29.90 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 97 هزار 734، ڏوڪري تعلقي جي آبادي ۾ 21.26 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 72 هزار 777، لاڙڪاڻي تعلقي جي آبادي ۾ 27.48 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 9 لک 37 هزار 212، رتوديو تعلقي جي آبادي ۾ 19.46 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 97 هزار 100 ٿي وئي آهي، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي قمبر جي آبادي ۾ 18.30 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 65 هزار 342، ميرو خان تعلقي جي آبادي ۾ 16.22 سيڪرو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 83 هزار 544، نصير آباد تعلقي جي آبادي ۾ 13.61 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 71 هزار 17، قبو سعيد خان تعلقي جي آبادي ۾ 21.85 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 4 هزار 510، شهدادڪوٽ تعلقي جي آبادي ۾ 13.77 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 2 لک 30 هزار 459، سجاول جوڻيجو تعلقي جي آبادي ۾ 15.21 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 35 هزار 334، جڏهن ته وارهه تعلقي جي آبادي ۾ 14.55 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 62 هزار 915 ٿي وئي آهي
شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسي جي آبادي ۾ 14.43 سيڪرو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 62 هزار 261، خانپور تعلقي جي آبادي ۾ 57.77 سيڪڙو اضافي کان پوءِ خانپور تعلقي آبادي وڌي 4 لک 35 هزار 660، لکي تعلقي جي آبادي ۾ 60.94 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 356، شڪارپور تعلقي جي آبادي ۾ 21.84 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 77 هزار 975 ٿي وئي آهي
ميرپور خاص ڊويزن ۾ شامل ضلعي ميرپور خاص جي تعلقي ڊگهڙي جي آبادي ۾ 16.66 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 49 هزار 665، حسين بخش مري تعلقي جي آبادي ۾ 22.19 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 83 هزار 559، جهڏي تعلقي جي آبادي ۾ 19.95 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 42 هزار 120، ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي آبادي ۾ 21.48 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 31 هزار 808، ميرپور خاص تعلقي جي آبادي ۾ 16.71 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي 3 لک 3 هزار 773، شجاع آباد تعلقي جي آبادي ۾ 16.67 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 96 هزار 863، سنڌڙي تعلقي جي آبادي ۾ 17،87 سيڪرو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 78 هزار 399
ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇرو جي آبادي ۾ 17.41 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 11 هزار 892، ڏيپلو تعلقي جي آبادي ۾ 27.13 سيڪڙو واڌ بعد آبادي هڪ لک 89 هزار 254، ٽالهي تعلقي جي آبادي ۾ 19.72 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 3 لک 65 هزار 766، اسلام ڪوٽ تعلقي جي آبادي ۾ 24.93 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 3 لک 5 هزار 376، ڪلوئي تعلقي جي آبادي ۾ 29.70 سيڪڙو واڌ بعد آبادي هڪ لک 52 هزار 542، مٺي تعلقي جي آبادي ۾ 25.46 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 75 هزار 892، ننگر پارڪر تعلقي جي آبادي ۾ 24.24 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 22 هزار 875، عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنري تعلقي جي آبادي ۾ 24.72 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 72 هزار 474، پٿوري تعلقي جي آبادي ۾ 24.34 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 50 هزار 419، سامارو تعلقي جي آبادي ۾ 23.97 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 11 هزار 20عمرڪوٽ تعلقي جي آبادي ۾ 22.48 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 6 لک 91 هزار 754 ٿي وئي آهي
شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ شامل ضلعن مان نوشهروفيروز ضلعي جي تعلقي ڀريا جي آبادي ۾ 16.46 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 51 هزار 183، ڪنڊيارو تعلقي جي آبادي ۾ 17.61 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 79 هزار 140، محرابپور تعلقي جي آبادي ۾ 18.76 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 2 لک 92 هزار 923، مورو تعلقي جي آبادي ۾ 18.39 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 36 هزار 346، نوشهروفيروز تعلقي جي آبادي ۾ 16.39 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 34 هزار 34 ٿي وئي آهي، شهيد بينظير آباد ضلعي جي تعلقي دوڙ جي آبادي ۾ 14.2 سيڪڙو اضافي بعد آبادي 5 لک 45 هزار 2، قاضي احمد تعلقي جي آبادي ۾ 18.68 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 4 لک 14 هزار 127، نوابشاهه تعلقي جي آبادي ۾ 20.71 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 99 هزار 20، جڏهن ته سڪرنڊ تعلقي جي آبادي ۾ 18.5 سيڪڙو کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 40 هزار 540 ٿي وئي آهي
سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ڄام نواز علي جي آبادي ۾ 21،20 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي هڪ لک 85 هزار 670، کپرو تعلقي جي آبادي ۾ 16.92 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 89 هزار 140، سانگهڙ تعلقي جي آبادي ۾ 18.76 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي 5 لک 13 هزار 987، شهدادپور تعلقي جي آبادي ۾ 24.99 سيڪڙو واڌ آبادي وڌي 5 لک 71 هزار 223، سنجهورو تعلقي جي آبادي ۾ 20.08 سيڪڙو اضافي بعد آبادي وڌي 3 لک 80 هزار 667، ٽنڊو آدم تعلقي جي آبادي ۾ 24.28 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 40 هزار 540 ٿي وئي آهي
سکر ڊويزن ۾ شامل ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي ڏهرڪي جي آبادي ۾ 13.88 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 3 لک 53 هزار 820، گهوٽڪي تعلقي جي آبادي ۾ 11.72 سيڪرو واڌ بعد آبادي 5 لک 66 هزار 533، خانڳڙهه تعلقي جي آبادي ۾ 14.81 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 71 هزار 827، ميرپور ماٿيلو تعلقي جي آبادي ۾ 12.07 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 67 هزار 377، اٻاوڙو تعلقي جي آبادي ۾ 11.37 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 93 هزار 613 ٿي وئي آهي
خيرپور ضلعي جي تعلقي فيض گنج جي آبادي ۾ 25 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي 2 لک 80 هزار 109، گمبٽ تعلقي آبادي ۾ 24.37 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 3 لک 27 هزار 368، خيرپور تعلقي جي آبادي ۾ 15.89 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 5 لک 10 هزار 391، ڪنگري تعلقي جي آبادي ۾ 23.49 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 4 لک 20 هزار 229، ڪوٽڏيجي تعلقي جي آبادي ۾ 31.41 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي 4 لک 58 هزار 69، ٺري ميرواهه تعلقي جي آبادي ۾ 21.60 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 4 لک 28 هزار 968، ناري تعلقي جي آبادي ۾ 22.59 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي هڪ لک 96 هزار 925، صوڀيديري تعلقي جي آبادي ۾ 19.25 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 28 هزار 165 ٿي وئي آهي
سکر ضلعي جي تعلقي نيو سکر جي آبادي ۾ 31.80 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي 4 لک 22 هزار 65، پنوعاقل تعلقي جي آبادي ۾ 13.13 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 4 لک 66 هزار 395 جڏهن ته پنو عاقل ڇانوڻي جي آبادي ۾ 46.52 سيڪڙو گهٽتائي کان پوءِ آبادي گهٽجي 12 هزار 886، روهڙي تعلقي جي آبادي ۾ 40.25 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 5 لک 19 هزار 724، صالح پٽ تعلقي جي آبادي ۾ 14.33 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي هڪ لک 48 هزار 327، سکر سٽي تعلقي جي آبادي ۾ 41.96 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 28 هزار 582 ٿي وئي آهي.