ڊجيٽل مائڪرو اسڪول: نئين نالي سان پراڻي ڪوتاھيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچيءَ ۾ هڪ تقريب ۾ خطاب دوران اهو اعتراف ڪيو آهي ته، سنڌ ۾ ستر لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هن اهو اعلان ڪيو ته،  انھن ٻارڙن کي ڊجيٽل مائڪرو اسڪولن ذريعي تعليم ڏياري ويندي. ان موقعي تي هن چيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ 30 لک ٻارڙن کي ڊجيٽل مائڪرو اسڪولن ذريعي تعليم ڏيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير پاران هي اعتراف ڪنهن سياسي بيان کان وڌيڪ هڪ حڪومتي ناڪامي جو چٽو اعتراف آهي. هي انگ ڪو معمولي انگ ناهي. هي نسلن جي مستقبل سان جڙيل هڪ اھڙو معاملو آهي، جيڪو حڪومتي پاليسين، بجيٽ، حڪمتِ عملي، ۽ تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي تي سنگين سوال اٿاري ٿو. جنهن صوبي ۾ ڏهاڪن کان تعليم کي پهرين ترجيح قرار ڏنو ويندو رهيو، اتي ستر لک ٻارن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ يقيناً ڪا ننڍڙي ڪوتاھي نه پر سسٽم جي مڪمل ناڪامي آهي. وڏي وزير جي اها ڳالهه حقيقت ۾ سندن پنهنجي ئي حڪومت تي چارج شيٽ آهي، جيڪو اعتراف ظاهر ڪري ٿو ته ماضيءَ ۾ ڪيل دعوائن، پروگرامز، ۽ بجيٽ وارن واعدن باوجود عملي طور تعليمي بحران وڌيو آهي، گهٽيو ناهي.

جيتريقدر “ڊجيٽل مائڪرو اسڪولز” جي وسيلي ٻارن کي پڙهائڻ جي اعلان جو تعلق آهي ته بظاهر هي اعلان جديديت، ٽيڪنالاجي ۽ نئين سِکيا جي تصور سان ڀرپور لڳي ٿو، پر سوال اهو آهي ته جڏهن سرڪاري اسڪول، جيڪي عمارتن، استاد، نصاب، پگهارن ۽ بجيٽ باوجود ڪم نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ ڊجيٽل مائڪرو اسڪول ڇا ڪري سگهندا؟ ڇا هي اعلان حقيقت ۾ حل آهي يا رڳو نئين نالي سان پراڻي ڪوتاھيء کي لڪائڻ جي ڪوشش؟ جڏھن سنڌ حڪومت روايتي اسڪول ئي بھتر نموني سان ھلائي نٿي سگهي ته ڊجيٽل مائڪرو اسڪول ڪيئن ھلائي سگھندي، جيڪي روايتي اسڪول نه، پر هڪ مختصر، ورچوئل يا نيم-ورچوئل تعليمي يونٽ هوندا آهن، جتي ٿوري تعداد ۾ ٻارن کي آن لائن پڙهايو ويندو آهي. اهو اسڪول عام طور ڪنهن ڪميونٽي سينٽر، گهر، يا ننڍڙي جڳهه ۾ قائم ٿيندو آهي، جتي ٻارن کي ٽيبليٽ، انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل ڪلاس روم جي مدد سان پڙهايو ويندو آهي. ان ۾ هڪ فيسيليٽيٽر هوندو آهي، جيڪو مڪمل طور استاد نه هوندو، پر ٻارن کي ٽيڪنالاجي استعمال ڪرائڻ، سبق جي پيروي ڪرائڻ ۽ مدد ڪرڻ جي ذميواري رکي ٿو. اصلي تدريس ڊجيٽل پليٽفارم تي ٿيندي آهي، جتي استاد آن لائن هوندا آهن. ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته جتي اسڪول نه آهن يا استاد ناهن، اتي گهٽ خرچ ۾، تيزيءَ سان ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم جي پهچ وڌائي وڃي. هي ماڊل دنيا جي ڪيترن ملڪَن ۾ آزمائجي چڪو آهي، پر هر هنڌ ڪامياب نه ٿيو آهي ـ ۽ جنهن هنڌ ڪامياب ٿيو آهي، اتي مضبوط نگراني، استحڪام ۽ بهتر انفراسٽرڪچر موجود هو.

سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي ڏکيائي، بجلي جي کوٽ، ٽيبليٽن جي سار سنڀال، پائيدار فنڊنگ، ۽ مانيٽرنگ جهڙا چيلينج تمام گھڻا آهن. اسان ان راءِ جا آهيون ته، جيڪڏهن هن منصوبي کي بنا تياري جي شروع ڪيو ويو ته هي، ٻين ڪيترن اعلانن وانگر، صرف نالو رهجي ويندو. سنڌ حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته ڊجيٽل حل تڏهن ئي ڪم ڪندا آهن، جڏهن بنيادي انفراسٽرڪچر موجود هجي. تعليم ۾ ٽيڪنالاجي “متبادل” نه، پر “اضافي مدد” هوندي آهي ـ جيستائين روايتي اسڪول مضبوط نه ٿين، ڊجيٽل مائڪرو اسڪول ڪو مستقل حل پيش نٿا ڪري سگهن. ٻيو اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن حڪومت پاڻ مڃي ٿي ته ستر لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، ته پوءِ انهن ٻارن تائين پهچڻ لاءِ هڪ وڏو سسٽم گهربل آهي. صرف آن لائين سبق شروع ڪرڻ سان ٻار اسڪول ۾ شامل نٿا ٿين. انهن جا انگ اکر جڳهه وار، سندن اقتصادي مسئلا، والدين جو شعور، ۽ لاجسٽڪ رڪاوٽون سڀ کان وڏو چيلينج آهن. ڇاڪاڻ تہ: 17ـ18 سالن کان هڪ ئي پارٽي صوبو هلائي رهي آهي، جنهن دوران اربين روپيا تعليم تي خرچ ڪيا ويا. ان باوجود اسڪولن ۾ استاد حاضر نه ھوندا آهن، عمارتون زبون حال آهن، ۽ گهڻا اسڪول “گهوسٽ” طور رپورٽ ٿين ٿا. حڪومت هر سال تعليم ۾ سڌارن جو واعدو ڪري ٿي، پر زميني حقيقت ساڳي رهي ٿي.

وڏي وزير جو اعتراف هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته سرڪاري پاليسيون ناڪام ٿيون، ۽ هاڻي، انهيءَ ناڪاميءَ کان ڌيان هٽائڻ لاءِ هڪ نئون ڊجيٽل تصور پيش ڪيو پيو وڃي. اسان سمجھون ٿا ته اسڪولن لاءِ صحيح انفراسٽرڪچر، ٻارن جي داخلا لاءِ ڪميونٽي سطح تي مهم ۽ ڊجيٽل حل کي صرف تڏهن شامل ڪرڻ گھرجي، جڏهن بنيادي اسڪولنگ مستحڪم هجي. تعليم ڪنهن به سسٽم لاءِ بنيادي ذميواري آهي، ۽ جيڪڏهن هڪ صوبي جو وڏو وزير اسڪولن کان ٻاھر شاگردن جو ايترو وڏو انگ ٻڌائي ٿو ته پوءِ هن اعتراف سان گڏ هڪ ايڪشن پلان به هجڻ گهرجي. رڳو نوان نالا، نوان اصطلاح يا ٽيڪنالاجي جا اعلان مسئلو حل نه ٿا ڪن. جيڪڏهن ستر لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، ته پوءِ سنڌ حڪومت لاءِ هي هڪ ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي.