ڊرون حملن بعد ڪارروائي فرض بڻجي وئي: خواجه آصف
مَي 9, 2025
اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارتي ڊرون حملن کانپوءِ هاڻي انڊيا جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويندو، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بند گهٽيءَ ۾ داخل ٿي رهي آهي، برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته هاڻي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪابه گنجائش نه رهي آهي، خواجه آصف چيو آمريڪا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي قيادت ڪري رهيو آهي، ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آمريڪي قدمن جي آجيان ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته رافيل جهاز اڏائڻ وارا هڪ ته بزدل ٻيو وري اهي مهارت رکندڙ نه هئا، رافيل جهاز تيار ڪندڙ ڪمپني کي به وڏو ڌڪ لڳو آهي.