| ڊرون حملي جو نتيجو: آذربائيجان جو ايران مان سفارتڪار گهرائڻ جو اعلان |
باڪو (م ڊ) آذربائيجان ڊرون حملي بعد ايران مان پنهنجا سفارتڪار واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي وزير جيهون بيراموف چيو آهي ته چار ايراني ڊرون سرحد پار ڪري آيا جنهن سان چار ماڻهو زخمي ٿيا هي قدم ان بعد کنيو ويو آهي. هن چيو ته آذربائيجان تهران ۾ پنهنجي سفارتخاني ۽ تبريز ۾ پنهنجي قونصليت مان ملازمن کي ڪڍي رهيو آهي. ايران ڊرون حملي ڪرڻ کان انڪار ڪيو.