تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڊريبل يا سؤ لفظن جي ڪهاڻي ڇا آهي؟ … علي رضا قاضي

انٽرنيٽ جي اچڻ کان پوءِ ڪهاڻيءَ جي مختصر صورت گهڻو زور ورتو آهي. خاص ڪري سوشل ميڊيا تي ڪافي ماڻهو مختصر کان مختصر لکڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته ڪارپوريٽ ورلڊ ۾ ماڻهن وٽ ايترو وقت ڪٿي جو انهن جون ڊگهيون لکڻيون، جيڪي ڪهاڻين جي صورت هجن پڙهن!؟ هن وقت عالمي ادب ۾ فليش فڪشن جو دؤر آهي. فليش فڪشن جو ئي هڪ مشهور قسم Drabble يا سؤ لفظن جي ڪهاڻي زور شور سان لکيو پيو وڃي. سنڌي ادب به انهيءَ ۾ پوئتي ناهي. ڪجهه سال اڳ محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب ’سؤ لفظن جون سؤ ڪهاڻيون‘ ان سلسلي جي ڪڙي آهن، اهو ثبوت پڻ ته سنڌي ڪهاڻيڪار عالمي ادب کان ڀلي ڀت واقفيت رکن ٿا. 2013ع ۾ ڪهاڻيڪار سليم چنا تمام گهڻو فليش فڪشن لکيو. مثال طور: هڪ سٽيون ڪهاڻيون، سؤ اکرن جو ڪهاڻيون ۽ سؤ لفظن جون ڪهاڻيون انهن ۾ شامل آهن، ان مان پڻ سنڌي لکندڙن جي ادراڪ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.سال 2015ع ۾ Jane Rabert پنهنجي هڪ مضمون `DISTILLED WRITING: THE ART OF FLASH FICTION`۾ لکيو: “The short form forces us to distill a story to its essence…”يا هڪ ٻي جاءِ تيPeter Nicholisلکيو آهي: ”ڊريبل جي هڪ ٻي تشريح هيءَ به آهي ته: ”گهڻو ڪري معنى خيز ۽ دلچسپ خيال ظاهر ڪيا ويندا آهن.“
جيڪڏن پاڻ ڊريبل (سؤ لفظن جي ڪهاڻي)جي تاريخ جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته خبر پوندي ته ڊريبل لکڻ جو پهريون خيال 1980ع ڌاري يو. ڪي سائنس فڪشن مان اخذ ڪيو ويو.ڊريبل کي لفظن جي راند به چيو ويندو آهي. يورپ ۾ هر سال ڊريبلس جا مقابلا ڪرايا ويندا آهن. انگريزي ٻوليءَ جي معرفت ڊريبل هن وقت دنيا جي مختلف ٻولين ۾ لکي پئي وڃي، جنهن مان هن جي مقبوليت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اردو ۾ مبشر علي زيدي ڊريبل جو وڏو ليکڪ آهي، جيڪو جنگ اخبار ۾ ’سؤ لفظون ڪي ڪهاني‘ جي نالي سان باقاعده لکندو رهي ٿو. ان موضوع تي هن جا ٻه ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جڏهن انگريزيءَ ۾ بيري او. فيريل، جوگئورڊانو، ارڪ سمٿ، ڊان ٽيسون، بروس ليون، ريکا والياپان، نتاليا ڪراسووسڪايا، سلوٽر ڊفالو، ماريه ڊي پال، منيره سيد، جان جارگنسن، رسل ڪونور، فلس زڪاويسڪا، گورڊن ليري، هيڪن هل، شنڪر چترجي، گي فليچر ۽ ٽوني شرما وڏا نالا شمار ڪيا وڃن ٿا.هتي ڊريبل جا ٻه مثال پيش ڪجن ٿا، جن مان پڙهندڙ اندازو ڪري سگهن ٿا، ته لفظن جي هن راند ۾ ڪيترا خيال ۽ دلچسپيون موجود آهن. پهرين ڊريبل شنڪر چترجي جي آهي، جنهن جو عنوان آهي ’يادگيري‘
آمريڪا ۾ ڊسمبر جي ڪوهيڙي سان ڀرپور صبح ۾ دل جي بيمارين جو ماهر رنجيت سنگهه مترا، اسپتال وڃي رهيو هو. شيڊول ۾ بيمار نوجوان جي دل جي جراحي شامل هئي. اچتو ڪجهه مفاصلي تي هن ڏٺو ته هڪ ننڍڙو نينگر پيءُ جو هٿ جهلي وڃي رهيو هو، جنهن کي ڏسي ڊاڪٽر مترا، يادن جي سيلاب ۾ وهي ويو. ڪيئن نه اسڪول وڃڻ لاءِ ڪلڪتي ۾ سرد صبح جو ڪوهيڙي ۾ پنهنجي بابا ساڻ برطانوي دور جي گاڏيءَ تائين ايندو هو. اچانڪ فون جي گهنٽي وڳي، سندس ڀاءُ جو ڏکارو آواز هو.
”ادا! بابا دل جي دوري سبب گذاري ويو.“)
ڊريبل ’يادگيري‘ جو مختصر جائزو
’يادگيري‘ جي نالي سان شنڪر چترجي جي ڊريبل (سؤ لفظن جي ڪهاڻي) فني اعتبار کان ڪهاڻيءَ جي مڙني معيارن تي پورو لهي ٿي. جنهن ۾ پلاٽ، ڪردار، ڊائلاگ، واقعو، مرڪزي خيال ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻي شامل آهي.سوڙهي ٿيندڙ دنيا ۾ ادب به سوڙهو ٿئي پيو، جنهن جو وڏو مثال ڊريبل ئي آهي. هڪ اهڙي مختصر ترين روپ جي ڪهاڻي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جا سڀ لوازمات به اچيو وڃن ٿا. قاري پڙهڻ کانپوءِ مڪمل ڪهاڻيءَ جو حظ به حاصل ڪري ٿو.ڪهاڻيءَ ۾ ٻين عنصرن ساڻ منظرڪشي به خوب آهي. سؤ لفظن ۾ ليکڪ پڙهندڙن کي مختلف منظرن کان آگاهي ڏئي ٿو. جيئن پورن اٺن لفظن جو هي جملو ”آمريڪا ۾ ڊسمبر جي ڪوهيڙي سان ڀرپور صبح.“ پڙهندڙ کي گهڙي سوا لاءِ ڪوهيڙي جي منظر ۾ گم ڪريو ڇڏي. اهڙي طرح نون لفظن جو هي جملو: ”ننڍڙو نينگر پيءُ جو هٿ جهلي وڃي رهيو هو.“ پنهنجي اندر هر انسان ماضي سانڍيو ويٺو آهي.لفظن ۾ بيان ڪيل اهڙو منظر جيڪو هر ماڻهو کي هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪريو ڇڏي، جيڪڏهن ڪجهه جملن کي ڪهاڻيءَ کان الڳ ڪري پڙهجي ته به هڪ مڪمل اسٽوريءَ جو سرور حاصل ٿئي ٿو. جهڙي ريت هي جملو به پنهنجي اندر وڏي حسناڪي رکي ٿو: ”ڪوهيڙي ۾ پنهنجي بابا ساڻ برطانوي دور جي گاڏيءَ تائين ايندو هو.“ هي فقرو ٻارهن لفظن تي ٻڌل آهي، فقط ٻارهن لفظن انهن سؤ لفظن کي مٿي کنيو بيٺا آهن، جن جي بنياد تي ليکڪ ڪهاڻي سرجي آهي.
حاصل مطلب ته فليش فڪشن ۾ صرف لفظن جي ٿورائي ڪمال ناهي، پر انهن لفظن جو مناسب استعمال به فليش فڪشن جو خاصو رهيو آهي، جنهن لاءِ رائيٽر کي تمام گهڻو سوچڻو پوي ٿو. هر لفظ لکڻ کان اڳ ان تي غور ڪرڻو پوي ٿو، جنهن کانپوءِ ئي فليش فڪشن جو ڪو شاهڪار جڙي ٿو.شنڪر چترجي، جي هيءَ ڪهاڻي فليش فڪشن جو اعلى نمونو آهي. ان جي آخري سٽ جنهن کي انگريزي ۾ ’پنچ لائين‘ چون ٿا، گهڙي کن لاءِ ڏڪايو وجهي، جيڏي مهل گهٻرائيندڙ آواز ۾ هن جو ڀاءُ ٻڌائي ٿو ته: ”ادا! بابا دل جي دوري سبب گذاري ويو.“ اها سٽ پڙهي قاري به سمجهي ٿو ته هاڻي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ جاري نه رکڻ گهرجي، اهڙي ريت ڊريبل پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي.هيءَ ڪهاڻي پورن سؤ لفظن تي ٻڌل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ سؤ لفظن سان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اهو گمان به ختم ٿي وڃي ته سنڌيءَ ۾ سؤ لفظن جي ڪهاڻي انگريزي جي بنسبت لکڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته اڪثر اهو چيو ويندو آهي، ته انگريزيءَ ۾ مرڪب لفظن جي مدد سان سؤ لفظن جي ڪهاڻي آسانيءَ سان لکجي سگهجي ٿي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ٿورڙي ڏکي آهي. ان گمان کي ختم ڪرڻ لاءِ ترجمو پڻ پورن سؤ لفظن ساڻ ڪيو ويو آهي.شنڪر چترجي، جي سؤ لفظي ڪهاڻي، جيڪا فليش فڪشن جو وڏو مثال آهي، کانپوءِ گي فليچر جي ڊريبل’رتائون سج‘ پڻ پيش ڪجي ٿي، جيئن ڊريبل بابت تصور اڃا به واضح ٿي بيهي. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي، ته فليش فڪشن ڇا آهي؟ هن ڪهاڻيءَ جي ترجمي ڪرڻ وقت به اهو ڌيان رکيو ويو آهي، ته لفظ سؤ کان گهٽ يا مٿي نه هجن.
ان ڏينهن رتائون سج، چانديءَ جي رنگ سواءِ گول چنڊ جهڙو هو. سنهڙا خاڪي ڪڪر هن جي مٿان ڀوتن جيان ڇانيَل هئا.ان رتائين سج ساڻ هلندڙ ڄڻ ٻي ڪا ڪائنات هئي، جنهن ۾ مان پنهنجي محبوبا کي ڪنهن ٻئي ساڻ ڏٺو. هوءَ ان شخص جو تمام گهڻو خيال رکي رهي هئي.حيرت جي ڪري اهو سڀ ڪجهه خواب لڳو، جنهن ڪري صدمي جو زهر منهنجي وجود ۾ اڃا نه پکڙيو هو.گهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ آسمان ڏي نهاريم، سج ساڳي گيڙو رنگ ۾ اچي ويو، بس منهنجي دنيا مٽجي وئي هئي. اڄ به رتائون سج ياد آهي.
ڊريبل ’رتائون سج‘ جو مختصر جائزو
جيئن ته ڪهاڻيءَ جو نالو ’رتائون سج‘ پاڻ سان گڏ هڪ منظر کڻي سامهون اچي ٿو، هڪ اهڙي ڪهاڻي جنهن ۾ اندر جي جذبن جي اپٽار ڪئي وئي آهي. ان ڪيفيت کي بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انسان ان شخص کي جيڪو هن لاءِ سڀ ڪجهه جي مثل آهي، ڪنهن ٻئي ماڻهو سان ڏسي ٿو.ڊريبل ۾ جتي ظاهري حالتن کي اجاگر ڪيو ويو آهي، اتي ڳجهي نموني اهو پيغام پڻ موجود آهي، ته انساني جبلتن ۾ ملڪيت جو تصور اڄ به اهو ئي آهي، جيڪو قديم دور ۾ هو. هو پنهنجي ڪابه شيءِ ٻئي ماڻهو وٽ ڏسڻ نه ٿو چاهي. خاص ڪري محبت جي معاملن ۾ هو نهايت حساس آهي.مٿين ڊريبل ۾ هڪ اهڙي ماڻهو جو ذڪر آهي، جيڪو جڏهن پنهنجي محبوبا کي ٻئي ساڻ ڏسي ٿو، ته ان جي اڳيان منظر تبديل ٿيو وڃن. سج جيڪو عام طور ڦڪو هوندو آهي، اهو ڳاڙهو ٿيو وڃي، ڄڻ ان مان رت ڳڙندو هجي. فقط ٻن جملن جن کي الڳ ڪري پڙهجي، ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي: ”حيرت جي ڪري اهو سڀ ڪجهه خواب لڳو.“ پوري انساني نفسيات جو احاطو ڪندي ملن ٿا. روزمرهه جي زندگيءَ ۾ جڏهن خوفناڪ حادثا ٿيندا آهن، ته ڪجهه گهڙين لاءِ پاڻ حيرت جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويندا آهيون، ساڳئي وقت تي دلاسو به، ته اهو سڀ ڪجهه خواب ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اهي گهڙيون حقيقي هونديون آهن، جن جو جلدئي ادراڪ به ٿي ويندو آهي. ڊريبل جو پويون جملو به ان ڪيفيت جي نمائندگي ڪندي ملي ٿو: ”صدمي جو زهر منهنجي وجود ۾ اڃا نه پکڙيو هو.“ جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي.گي فليچر، جي سؤ لفظن جي ڪهاڻي آخر ۾ پنهنجي منطقي انجام تي پهچي ٿي، جنهن ۾دل جي دنيا جي ويران ٿيڻ جو قصو موجود آهي. فني اعتبار کان هيءَ ڊريبل هڪ ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ سؤ لفظن تي ٻڌل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پلاٽ، ڪردار، ڊائلاگ، واقعو، مرڪزي خيال ۽ ڇرڪائيندڙ انجام موجود آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *