ڊسمبر ۽ جمھوريت جو خون ….الطاف ابڙو

                 ارڙھن سال اڳ ھڪ خون ٿيو ھو جنھن جي خوشبوء اڃان موجود آھي. ماڻھن سمجھيو ھو تـ اھو خون وسري ويندو ۽ ھر ماڻھو پنھنجي پنھنجي ڪم سان لڳي ويندو. ھا! ائين بـ ٿيو آھي تـ گھڻن ماڻھن کان اھو خون وسري ويو آھي پر اڃا اھي عام ماڻھو وڏي اڪثريت ۾ جيئرا آھن ـ جن پنھنجي مثل مادر جو درد پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيو آھي ۽ اکين کي ھر وقت اھا اجازت ڏيئي ڇڏي آھي تـ جڏھن بـ کين ان جي کين سار اچي تـ اھي اکيون دل کولي پنھنجي ڳوڙهن واري ٻوليء ۾ ان جو اظھار ڪري سگھن ٿيون. سو انھن کي ھر سال جي ستاويهين ڊسمبر تي روئڻ واري راحت کي ڪنھن بـ صورت ۾ ناھي وسارڻو. جئين ستاويهين ڊسمبر جي سرد رات ٺري تئين ھو ڪنھن مچ ۾ پيل ڪاٺين جيان جلن. اھو جلڻ ئي تـ کين ڀٽائي سائينء جي لفظن ۾ اھو سمجھائيندو  آھي تـ “جان جيئين تان جل، ڪانھي جاء جلڻ ري”. سو اھو وري جلڻ وارو ڏينھن ستاويھين ڊسمبر گزري ويو آھي ۽ ملڪ جي انھن ماڻھن جون ٿڌي موسم ۾ اکيون گرم ٿيون آھن، جيڪي پنھنجي عظيم اڳواڻ جي بيگناھ قتل تي اڃان بـ سوڳوار آھن ـ سوڳ جي اھا سرد رات ڏاڍي طويل آھي. سو ان ڏينھن تي ماڻھو ٻيو ڀل ڪجھ بـ نـ ڪن  پر ھو پنھنجي اڳواڻ کي ياد ڪري گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي دل ۾ ياد جو ھڪڙو ڏيئو تـ ٻاري سگھندا آھن.

 پاڪستان جي آزادي کان وٺي ھن وقت تائين  سياسي پارٽين جو وجود ۾ اچڻ ڪا وڏي حيرانگي جي ڳالهه نه آھي. جمهوريت جا نعرا هر سياسي پارٽي ھوندي آھي. جمهوريت هڪڙو اهڙو لفظ آهي جيڪو هنن سياسي پارٽين جي منشورن جي پهرين پهرين صفحي تي لکيل هوندو آھي پر افسوس سان اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ جمهوريت هميشه پائمال ٿيندي رهي آھي، محترما بينظير جي شھادت وارو ڏينهن پاڪستان لاءِ خاص ڪري سنڌ جي لاءِ ڪنهن ڪاري ڏينهن کان گهٽ نه آھي. ها ھي اهو ڏينهن آھي، جنهن ڏينهن پاڪستان دشمن قوتن جمهوريت جو ڳلو دٻائي ملڪ جي هر فرد جي دلين م رهندڙ شهيد راڻي کي قتل ڪيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کان پوءِ شهيد راڻي ئي هئي، جنهن کي سموري دنيا اندر مقبوليت حاصل هئي، ڇاڪاڻ ته ڀٽو خاندان پاڪستان جي جمهوريت جي نالي تي ايترو ڪجهه خرچ جو شايد ٻئي ڪنهن به سياسي پارٽي جي اڳواڻن نه وڃايو. هوندو.

شهيد بينظير ڀٽو ٻاهرين ملڪن جي عظيم درسگاهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن کي سياست جو سبق پڙهائي اهو ثابت ڪيو ته هوءَ جمهوري سياست جي ملڪه هئي. هر جڳهه تي پاڪستان جي عورتن تي ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ تي ميسيج پهچايو پيپلز پارٽي پرويز مشرف جي دور ۾ تمام ڏکيائين جي منهن ڏنو ائين پئي لڳو ته پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي جو ته ڪو وجود ئي ڪو نه رهندو. بينظير ڀٽو دنيا جي ساڃاهه وند جمهوري اڳواڻن جي زور ۽ پنهنجي ڪيترن ئي سالن جي سخت جدوجهد کان پوءِ پاڪستان ۾ اچي هتان جي عوام جو مستقبل روشن ڪرڻ پئي چاهيو. بينظير ڀٽو جي دنيا اندر وڌندڙ پاپولرٽي سبب هتان جو عدالتون ۽ آمر حڪومت کيس ڪجهه به نه چئي سگهي، ڇاڪاڻ ته بينظير مخالف قوتون ڄاڻن پيون ته جيڪڏهن بينظير کي وطن واپس نه اچڻ ڏنو ته دنيا جا ترقي يافته ملڪ ناراض ٿي ويندا ۽ پاڪستان کي تمام ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو. انهي ڪري بينظير ڀٽو کي هتي پرويز مشرف اچڻ ڏنو ۽ نواز شريف کي به بينظير پاڪستان گهرائي حقيقي جمهوريت کي زنده رکڻ پئي چاهيو.   

 انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته جيڪڏهن شهيد بينظير پاڪستان ۾ نه اچي ها ته نواز شريف به ڪڏهن نه اچي سگهي ها. بينظير ڀٽو جي ڪراچي آمد دنيا جي مخلتف ٽي وي چئنلز تي لکين ماڻهو ڏسي ڪري دنيا جا ملڪ حيران رهجي ويا ته بينظير ڀٽو کي پاڪستان جو عوام ڪيترو چاهي ٿو. پاڪستاني عوام جو بينظير جي لاءِ ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ اهو ثابت ڪري پيو ته پاڪستان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جو عوام محترمه کي چاهي پيو ۽ سندن خواهشن هئي ته پاڪستان جون واڳون شهيد محترمه سنڀالي پاڪستان جي تقدير جو پاسو مٽائي پر جمهوريت دشمن قوتن پاڪستان جي روشن مستقبل کي اونداهون ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ بم ڌماڪو ڪيو، جنهن ۾ محترمه ته محفوظ رهي پر کيس چاهيندڙ وڏي تعداد ۾ شهيد ٿي ويا. جنهن بعد مختلف دهشتگرد تنظيمن، ملڪي سياسي مخالف قوتن، آمر قوتن سميت ٻين مخالف تنظيمن پاران ڌمڪيون ملڻ جي باوجود زخمين جي عيادت ڪرڻ ڪراچي جي اسپتالن ۾ پهچي وئي بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي.

اليڪشن جي مهم دوران راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ خطاب ڪندي اهي چيا ته ”هيءَ مٽي مونکي پڪاري رهي آھي“ اها تقرير جي پڄاڻي کان پوءِ محترمه پنهنجي گاڏي مان ٻاهر نڪري پنهنجي جيالن جي حوصلا افزائي ڪري رهي هئي ته کيس جمهوريت ۽ انسانيت جي قاتلن گولين جو وسڪارو  ڪري خودڪش ڌماڪا ڪري ڇڏيا. ۽ محترمه کي شهيد ڪيو ويو.