ڊسمبر ۾ مهانگائي شرح 0.4 سيڪڙو گهٽجڻ جي دعويٰ

ڊسمبر ۾ مهانگائي شرح 0.4 سيڪڙو گهٽجڻ جي دعويٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شماريات کاتي نومبر جي مقابلي ۾ ڊسمبر دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.4 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿيڻ جي دعوي ڪري ڇڏي. وفاقي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل ماهوار رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڊسمبر 2025 ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح گهٽجي 5.6 سيڪڙو تي اچي وئي. ناڻي وزارت ڊسمبر لاءِ مهانگائي جو اندازو 5.5 کان 6.5 سيڪڙو جي وچ ۾ لڳايو هو. جولاءِ کان ڊسمبر 2025 تائين مهانگائي 5.15 سيڪڙو رهي، نومبر 2025 ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 6.15 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ڊسمبر 2024 ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 4.1 سيڪڙو هئي. پڌرائي مطابق گذريل مهيني ڳوٺن ۾ ماهوار بنياد تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ڊسمبر 2025 ۾ شهرن ۾ مهانگائي ۾ 0.4 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي طرح گذريل مهيني ڳوٺن ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 5.4 سيڪڙو رهي، ڊسمبر دوران شهرن ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 5.8 سيڪڙو رهي.