ڊشا ۽ هني مائٽن حوالي

جُون 21, 2025

شهدادپور  (پنهنجي ڊيسڪ )مذهب تبديل ڪندڙ ٽن ڀينرن ۽ سئوٽ نينگر پوليس پهري هيٺ ڪراچي جي فلاحي اداري منتقل ڪرڻ بعد قانون گهرجون پوريون ڪري هڪ ڀيڻ ۽ نينگر کي وارثن حوالي  ڪيو ويو آهي،

عدالتي حڪم تحت جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر ڪرم انصاري ۽ ڊي ايس پي شهدادپور تنوير شاهه جي اڳواڻي ۾ ٽنهي ڀينرن ديا، جيئا، ڊشا ۽ هني ڪمار کي گوشه عافيت ٽرست منتقل ڪيو ويو  هو

هَني ڪمار ۽ ڊشا ٻائي کي والدين حوالي ڪرڻ جي واري عدالتي فيصلي تحت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد مائٽن حوالي ڪيو ويو

ٻارن تي سندس مذهب بابت ڪا به ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي ويندي، پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جا پابند هوندا،

ڊي ايس پي تنوير شاهه موجب  گوشئه عافيت ٽرسٽ انتظاميه هڪ هڪ ڪروڙ جي پي آر بانڊ ۽ لکت بعد ڊشا ۽ هني کي مائٽن حوالي ڪري ڇڏيو

ڊشا ۽ هني والدين سان گڏ پنهنجي گهر شهدادپور پهچي ويا آهن، جنهن جي مائٽن پڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي

اسلام قبولڻ بعد جيئا ٻائي جو اسلامي نالو مريم، ديا جو نالو خديجه، ڊشا جو نالو صدره ۽ نينگر هني ڪمار جو اسلامي نالو عبدالرافع رکيو ويو

لاڳاپيل پوسٽون

  • يوسف رضا گيلاني 9 ڪيسن مان بري

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو