| ڊولي پارٽن مرڻ بعد هاٽ اسٽريم آرٽسٽ بڻجي وئي |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) آمريڪي ڳائڻي ۽ اداڪاره 80سالن جي ڊولي پارٽن لاڏڻي کانپوءِ عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ اسٽريم ڪندڙ آرٽسٽ بڻجي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊولي پارٽن جي مرڻ کانپوءِ سندس موسيقي لکن پلي لسٽن ۾ واپسي جو رستو ڳولي ورتو آهي. ڪينسر ۾ مبتلا ڊولي پارٽن 25 آگسٽ تي لاڏاڻو ڪري وئي، موسيقي جي ڊيٽا فراهم ڪندڙ هڪ ڪمپني موجب ڊولي پارٽن جي لااڏڻي واري ڏينهن سڄي دنيا ۾ سندس آڊيو ۽ وڊيو اسٽريمز جو تعداد 25 لک کان وڌي ساڍا 3 ڪروڙ (35 ملين) تائين پهچي ويو هو.ميڊيا رپورٽن موجب عالمي سطح تي اسٽريمز ۾ اهو 1280 سيڪڙو جو زبردست واڌارو هو.