آمريڪي سفير جي سڪندرسلطان سان ملاقات : آئين تحت شفاف چونڊون چاهيون ٿا:بلوم

آگسٽ 24, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون تحت شفاف چونڊون چاهيون ٿا

پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون تحت شفاف چونڊون ڪرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

 آمريڪي سفير شفاف چونڊن لاءِ آمريڪا جي حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون موجب شفاف چونڊن جو خواهشمند آهي

ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي اڳواڻن جي چونڊ ڪرڻ پاڪستان جي عوام جو ڪم آهي، آمريڪا پاڪستان جي چونڊيل نمائندن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو

 هن وڌيڪ  چيو ته آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي، علائقائي امن لاءِ پڻ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون آهن

Leave A Comment