ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪراچي جو وڪيل عدالت پهچي ويو
جُولاءِ 1, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي جي ھڪ وڪيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪيس داخل ڪري کيس فوري طور گرفتار ڪرڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي. درخواست گذار جشميد علي خواجا ۽ سندس وڪيل جعفر عباس جعفري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيش جج اولھه جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ آمريڪي صدر ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، جنھن سان ڪراچي سميت پاڪستان بھ متاثر ٿيو آھي، تنھن ڪري سندس خلاف ڊاڪس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.
عدالت سوال ڪيو تھ ڊاڪس ٿاڻي جي حدن ۾ ڪھڙو ڏوھ ٿيو آھي ۽ توھان ڪيئن متاثر ٿيا آھيو؟ درخواست گذار جي وڪيل چيو تھ آمريڪي قونصل خانو ڊاڪس ٿاڻي جي حدن ۾ اچي ٿو ۽ اھو سڀ کان وڌيڪ پراڻو ٿاڻو بھ آھي. ڏوهه جا اثر جتي جتي پھچن اتي ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو، ڊاڪس ٿاڻي جي حدن ۾ بھ اثر پيا آھن.
وڪيل وڌيڪ چيو تھ اسان پنھنجو 154 جو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ۽ جوابدار جو نالو بھ ٻڌائي ڇڏيو. قونصليٽ ذريعي بھ درخواست اماڻي چڪا آھيون.
عدالت چيو تھ غير ضروري مثال نھ ڏيو، اھو ٻڌايو تھ توھان تي ڪھڙا اثر پيا آھن؟ درخواست گذار جي وڪيل چيو تھ بي ٽو سڪس جھازن جيڪي فضائي حملا ڪيا، انھن جا مون تي بھ اثر پيا آھن. عدالت چيو تھ اھو پاڪستان جي حدن کان ٻاھر ٿيو آھي، دنيا ۾ جتي بھ ڪجهھ ٿيندو ڇا ان جو ڪيس ھتي ٿيندو؟
درخواست گذار جي وڪيل چيو تھ قانون مون کي واڳيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. عدالت پڇيو تھ ڪھڙي سيڪشن ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ چاھيو ٿا؟ درخواست گذار جي وڪيل چيو تھ دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي.
عدالت رمارڪس ۾ چيو تھ ويانا ڪنونشن تحت رياست جي سربراهه کي ڇوٽ ھوندي آھي، ان قسم جا آرڊر ڪرائي پاڪستاني عدالتن کي مذاق نھ بڻايو. عدالت توھان کي مھلت ڏئي ٿي تياري ڪري اچو. درخواست گذار جي وڪيل چيو تھ مون کي لڳي ٿو تھ ڪنھن جي دٻاءَ ۾ اچي رھيا آھيو. عدالت چيو تھ درخواست ٻڌڻي لاءِ اڃا منظور نھ ٿي آھي، عدالت آزاد آھي. وڪيل چيو تھ انتھائي حساس ڪيس آھي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو، عدالت کي مطمئن ڪنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻ جوڳو ھئڻ تي دليل طلب ڪندي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي