| ڊوڙ ڊوڙان زمين تي نه پر انڊر گرائونڊ، نئون رڪارڊ |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) ڊوڙ جا مقابلا ڪندڙ هڪ گروپ زمين ۾ 3 هزار فٽ گهرائي ۾ ڊوڙ جو مقابلو ڪري دنيا جي سڀ کان گهري ميراٿن جو رڪارڊ جوڙي ورتو. جنهن کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. اها ميراٿن سوئيڊن جي ميونسپالٽي گاربندبرگ ۾ ٿي جنهن ۾ 18 ملڪن جي 55 رنرز شرڪت ڪئي جنهن جو ٽريڪ زمين اندر 3 هزار 669 فٽ ۽ 10 انچ گهرائي ۾ هو. گنيز بڪ وارن جو چوڻ آهي ته اها گهرائي دنيا جي سڀ کان وڏي آبشار اينجلز فالز ۽ برطانيا جي سڀ کان اوچي جبل بين نيوس جيتري آهي. مقابلي ۾ رنرز کي هيڊ ليمپس پائڻو هو ڇاڪاڻ ته ريس مڪمل طور تي زمين اندر هئي ميراٿن 11 چڪرن تي مشتمل هئي ۽ 10 لک ڊالر فلاحي ڪمن لاءِ گڏ ڪيا ويا. هڪ رنر ٻڌايو ته ٽريڪ گرمي، گهم ۽ ڌوڙ سان ڀريل ٺاهيو ويو هو. ان کان اڳ دنيا جي سڀ کان گهري ميراٿن جو رڪارڊ ڪرسٽل مائن انڊر گرائونٽ ميراٿن وٽ هو جيڪو جرمني ۾ سمنڊ جي سطح کان 1640 فٽ ۽ 5 انچ گهرو آهي.