| ڊو مور: آءِ ايم ايف ٽيڪس هدف ۾ 1600 ارب واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: مهانگائي وڌڻ جو خدشو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاڪستان کان وڌيڪ معاشي سڌارن لاءِ “ڊو مور” جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق ٽيڪس نيٽ وڌائڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏيندي چيو ته عالمي مالياتي اداري ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس هدف ۾ 1600 ارب رپين کان وڌيڪ واڌ جي تجويز ڏني آهي، نئين بجيٽ ۾ مجموعي ٽيڪس هدف 15 هزار 600 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف پيٽروليم شين ۽ سولر سسٽم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جي صلاح پڻ ڏني آهي، سولر استعمال ڪندڙن لاءِ ٽيڪس رعايت ختم ڪرڻ ۽ ننڍن واپارين تي اثاثن جي بنياد تي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو به سامهون آيو آهي. ذريعن موجب هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين ۾ واضع گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي پهرين 8 مهينن ۾ 428 ارب رپين جو شارٽ فال رهيو، جڏهن ته پهرين 9 مهينن ۾ اهو خسارو 600 ارب رپين تائين وڌڻ جو خدشو آهي. مارچ مهيني ۾ 1367 ارب رپين جي هدف مقابلي ۾ هينئر تائين 865 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن، ايف بي آر سپر ٽيڪس ۽ سرچارج ذريعي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ پراميد آهي.