ڊيرا اسماعيل ۾ فورسز تي حملو، 23 جوان شهيد، آپريشن ۾ 27 دهشتگرد مارجي ويا
ڊسمبر 12, 2023
ڊيرا اسماعيل خان(م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان جي درا بن واري علائقي ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي عمارت سان بارودي سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ۽ عمارت اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو، جنهن دوران 23 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 6 دهشتگردن کي موقعي تي ئي ماريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڊير اسماعيل خان ۾ 11 ۽ 12 ڊسمبر جي رات دهشتگردن جون سرگرميون ڏسڻ ۾ آيون، جنهن تي ڊي آءِ خان جي علائقي ڊرازنده ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 17 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب درازنده جي علائقي ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جا ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا، ڪلاچي ۾ ڳجهن اطلاعن تي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 بهادر جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ۽ فورسز ۾ ويڙهه دوران مجموعي طور 23 جوان شهيد ۽ 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
ڪي پي ۾ شهيد ٿي ويل 6 فوجي جوانن جو تعلق سنڌ سان
ڪراچي (نمائندن وٽان) ٺري ميرواهه جي ڳوٺ لکمير خان شر واسي فوجي جوان امير حسين شر پٽ غلام سرور شر ڪي پي ڪي ۾ دھشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي ويڙھ دوران شھيد ٿي ويو وارثن کي اهڙو اطلاع لاڳاپايل يونٽ پاران فون ذريعي ڏنو ويو جڏھن ته شھيد نوجوان امير حسين شر 8 سال اڳ بطور سپاهي پاڪ فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن کي سڀاڻي (اڄ) اباڻي ڳوٺ لکمير خان شر ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. هواڏنهن گمبٽ ڀر سان ڳوٺ فيضل مهر واسي فوجي جوان مختيار شيخ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙه ڪندي شهيد ٿي ويو. شهيد جوان جو سڀاڻي اڄ مڙه اباڻي ڳوٺ فيضل مهر آندو ويندو مڙھ فوجي اعزاز سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو. شهيد فوجي جوان جي شهادت جو اطلاع وارثن کي ملڻ تي گهر ۾ تڏو وڇايو ويو آهي ۽ گهر ۾ ڪهرام متل آهي سندس امڙ ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. ٻئي طرف منھڙو ويجهو ڳوٺ سانوڻ خان ڏاھري واسي 35 سالن جو فوجي جوان غلام مرتضا ڏاھري ولد غلام مصطفي ڏاھري وزيرستان ۾ دھشتگرن سان وڙھندي شھيد ٿي ويو آهي اهڙو اطلاع سندس مائٽن کي ڏنو ويو آهي شهيد ٿيل فوجي نوجوان غلام مرتضا ڏاهري اوڻويھ ايف ايف جو سپاھي ھو جنھن جو مڙھ وزيرستان کان منھڙو لڳ ڳوٺ سانوڻ خان ڏاھري آندو پيو وڃي جتي سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان سندس مڙھ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو. ٻئي طرف ٿر جو فوجي جوان ملڪ دشمنن دستگردن سان وڙهندي ڊيرا اسماعيل خان ۾ شهيد ٿي ويو، ڇاڇرو ڀرسان ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ رڙاڪر جو رهواسي حوالدار محمد جميل پٽ عثمان راهمون دستگرد ملڪ دشمنن سان وڙهندي شھادت نوش ڪئي، شهيد جوان 2026 ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وارو هو ۽ عمر چاليھ سال هئي،شهيد جوان جو والد پرائمري استاد آهي ۽ شهيد محمد جميل راهمون کي ٻه پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي،شهيد ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇئنجي ويو،شهيد جو مڙهه اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو آهي،جتي آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. هوڏانهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل 23 فوجي جوانن ۾ شھدادپور واسي نصير نائچ به شامل آهي سندس مڙھ اڄ فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ شهادت ماڻيندڙ فوجي جوان جي ڀاءُ امام بخش نائچ موجب ڀاءُ نصير 10 سال اڳ آرمي ۾ ڀرتي ٿيو سندس ڏيڍ سال اڳ شادي ٿي کيس ڪوبه اولاد ناهي. هوڏانهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ بم ڌماڪي ۾ گهوٽڪي واسي فوجي جوان محمد اسحاق کهاوڙ شهيد ٿي ويو مڙهه رات دير سان گهوٽڪي پهچايو ويو گهوٽڪي جي ڳوٺ صوبدار خان کهاوڙ جو رهواسي فوجي جوان محمد اسحاق کهاوڙ ڊيوٽي تي موجود هو ته ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو، شهيد ٿي ويل فوجي جوان محمد اسحاق کهاوڙ ڊسمبر سال 2024 ۾ رٽائرڊ ٿيئڻو هو، شهيد ٿي ويل فوجي شادي شده هو، جنهن کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻي جي اولاد به هئي.
ڊي آءِ خان ۾ دهشتگرد حملن جي ذميواري تحريڪ جھاد قبولي ورتي
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊيرا اسماعيل خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آپگهاتي حملن جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان تعلق رکندڙ هڪ دهشتگرد گروپ تحريڪ جهاد پاڪستان قبول ڪري ورتي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته افغانستان جي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ورتو. پاڪستان افغان عبوري حڪومت کي سخت ڊيمارچ پيش ڪيو، پرڏيهي سيڪريٽري افغان درابن اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خودڪش ڌماڪي واري معاملي تي عبوري حڪومت جي اي آئي جي، جي سفير (سي ڊي اي) کي طلب ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان تعلق رکندڙ دهشتگرد گروپ تحريڪ جهاد پاڪستان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. افغان عبوري حڪومت جي سفير کي چيو ويو ته افغان عبوري حڪومت کي پاڪستان ۾ مداخلت کان آگاهه ڪيو وڃي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو تازي حملي جي مڪمل جاچ ڪري ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، اعليٰ سطحي دهشتگردي واري واقعي جي عوامي سطح تي مذمت ڪئي وڃي، حملي ۾ ملوث ماڻهن ۽ افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي قيادت کي گرفتار ڪري پاڪستان حوالي ڪيو وڃي، سمورن دهشتگرد گروپن (انهن جي قيادت سميت) ۽ انهن جي پناهگاهن جي خلاف فوري طور تي تصديقي ڪارروائي ڪئي وڃي. پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي مسلسل استعمال کي روڪڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اڄ جو دهشتگرد حملو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي جي خطري جي هڪ وڌيڪ ياد ڌياني آهي. هن لعنت کي شڪست ڏيڻ لاء، اسان کي پنهنجي سموري اجتماعي طاقت سان عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو. پنهجي طرفان پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.