ڊيرا الهيار ۾ زمين جي تڪرار تان صحبتپور جو صحافي قتل، 2 سئوٽ زخمي

ڊيرا الهيار ۾ زمين جي تڪرار تان صحبتپور جو صحافي قتل، 2 سئوٽ زخمي

ڳڙھي حسن (رپورٽ: رمضان نوناري) بلوچستان جي شھر ڊيراالھيار جي مين بازار ۾ ڪنڊراڻي برادري جي ٻن ڌرين ظفر ڪنڊراڻي ۽ ڪامران ڪنڊراڻي ۾ ٻھ سو جريب زرعي زمين جي تڪرار تان ڪامران ڪنڊراڻي جي ڌر جي ھٿياربندن ڪورٽ مان پيشي بعد واپس ويندڙ صحبتپور جي عوامي پريس ڪلب جي  نائب صدر نظر علي ڪنڊراڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ سبب گوليون لڳڻ ڪري صحبتپور پريس ڪلب جي صدر جمل ڪنڊراڻي جو ڀاءُ منور ڪنڊراڻي ۽ ان جو سئوٽ پرويز ڪنڊراڻي زخمي ٿي پيا، شھرين موقعي تي ئي ھڪ ھٿياربند حفيظ الله ڪنڊراڻي کي پسٽل سميت پڪڙي ڪٽڪي بعد پوليس حوالي ڪيو، ڊيرا الھيار سٽي ٿاڻي جي پوليس لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، رابطي تي صحبتپور پريس ڪلب جي صدر جمل ڪنڊراڻي ٻڌايو ته ظفر ڪنڊراڻي ۽ ڪامران ڪنڊراڻي جي ٻن ڌرين ۾ بلوچستان جي علائقي پٽ فيڊر ۾ ٻھ سو زرعي زمين جي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته  ٻئي ڌريون بلوچستان جي پٽ فيڊر جي ڳوٺ ڏاتار ڪنڊراڻي جا رھواسي ۽ پاڻ ۾ سڳا سئوٽ آھن سال کان تڪرار هلندڙ آهي.