ڊيرا مراد جمالي ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

ڊيرا مراد جمالي ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

شهدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي ضلعي ڊيرا مراد جمالي جي فليجي ٿاڻي جي حد ۾ گولا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ عبدالرحمان گولو ۽ الطاف شيخ مارجي ويا، اطلاع ملڻ تي فليجي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، ٻنهي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.