باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي ڳوٺ قبو شير خان ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي
جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب گھر ڌڻي گل محمد جمالي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڌيءُ سنڌو جمالي زخمي ٿي پئي، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا
اطلاع تي نوتال ٿاڻي جي پوليس پھچي مقتول گل محمد جمالي جو لاش ۽ زخمي نياڻي کي سول اسپتال ڊيرا مراد جمالي پھچايو، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، پوليس موجب جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو.