ڊيره بگٽي ۾ فائرنگ، ٻن خاندانن جا 4 ڄڻا قتل

ڊيره بگٽي ۾ فائرنگ، ٻن خاندانن جا 4 ڄڻا قتل

ڊيره بگٽي (م ڊ) ڊيره بگٽي جي علائقي درينجن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. ڊيره بگٽي جي علائقي زين ڪوه درينجن ۾ پئسن جي تڪرار تان ٻن ڌرين جي وچ ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي، پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ هڪ ڌر جو پيءُ ۽ پٽ جڏهن ته ٻئي ڌر جا 2 ڀائر شامل آهن، فائرنگ جو واقعو پئسن جي ڏيتي ليتي تان ٿيو آهي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.