| ڊيزل پوڻا 7 رپيا ۽ پيٽرول ساڍا 3 رپيا ليٽر مهانگو |
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر تيل جي اگهه ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. توانائي واري وزارت جي جاري ڪيل پڌرائي موجب تيل جي اگهن جي ميڪينزم تحت اوگرا نوان اگهه مقرر ڪيا آهن. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 72 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سان ڊيزل جي قيمت 385 رپيا 95 پئسا مان وڌي 392 رپيا 67 پئسا ٿي وئي آهي. جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 3 رپيا 40 پئسا وڌائي وئي آهي جنهن کانپوءِ تيل جي قيمت 364 رپيا 35 پئسا مان وڌي 367 رپيا 75 پئسا ٿي وئي آهي.